” ڪڏهن ڇوٽڪارو ملندو؟ “ ليجنڊري ڌرميندر جي پوسٽ تي مداح پريشان

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار ڌرميندر جي انسٽاگرام پوسٽ مداحن کي پريشان ڪري ڇڏيو.
ڌرميندر وڊيو ۽ فوٽو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪئي، جنهن ۾ هو ڪنهن سوچ ۾ گم نظر اچي رهيو آهي.
تصوير جي هن ڪيپشن ۾ لکيو ته ” دلين ۾ ويڇا وڌندا پيا وڃن، ڪڏهن ڇوٽڪارو ملندو، انهن غلط فهمين مان؟
پنهنجي پوسٽ ۾ ڌرميندر اِهو واضح نه ڪيو ته سندس ڪيپشن جو مطلب ڇا هو.
اداڪار جي هن پوسٽ تي مداحن ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سندس خيريت بابت پڇيو، سندس پٽ، اداڪار بوبي ديول به ڪمينٽ ڪندي دل وارا ايموجي شيئر ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.