اسپيس ايڪس جو اسٽار شپ راڪيٽ، جيڪو انسانن کي چنڊ ۽ مريخ تي وٺي وڃڻ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي، پنهنجي ٻئي آزمائشي اُڏام دوران ڌماڪي سان تباهه ٿي ويو.
راڪيٽ ٽيڪساس مان لانچ ٿيڻ کان ڪجهه منٽن بعد خلا ۾ ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن کان پوءِ آمريڪي فيڊرل ايوي ايشن اٿارٽي فلوريڊا جي ڪجهه علائقن ۾ فضائي ٽرئفڪ روڪي ڇڏي.
سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ وڊيوز ۾ ڏسي سگهي ٿو ته راڪيٽ جا ٽڪرا باهه جي گولين وانگر فلوريڊا ۽ بهاماس جي آسمان مان گذري رهيا آهن.
هي اسپيس ايڪس طرفان اسٽار شپ جي اٺين آزمائش هئي، جڏهن ته جنوري ۾ به ستين آزمائشي اُڏام ناڪام رهي هئي.
جنوري ۾ فيول لائين ۽ گرمي پد جي مسئلن سبب راڪيٽ تباهه ٿيو هو، جنهن کان پوءِ نئين پرواز لاءِ ڪجهه تبديليون ڪيون ويون هيون.
تازي لانچ دوران، پهرين مرحلي ۾ راڪيٽ جو بوسٽر ڪاميابي سان واپس ڪيچ ڪيو ويو، پر ڪجهه منٽن کان پوءِ راڪيٽ تيز رفتاري سان گردش ڪرڻ لڳو ۽ ڪمپني جو ان سان رابطو ٽٽي ويو.
اسپيس ايڪس جي ترجمان چيو ته بدقسمتي سان، ائين اڳ به ٿيو هو تنهنڪري هاڻ اسان کي ڪجهه تجربو ٿي چڪو آهي.
ڪمپني طرفان لانچ کان ڪجهه دير بعد اسپيس ايڪس لائيو اسٽريم بند ڪري ڇڏي ۽ ملبو ڪٿي ڪري ان بابت ڪا به ڄاڻ نه ڏني وئي آهي.
ڪمپني پنهنجي بيان ۾ چيو ته راڪيٽ تيزي سان ٽڪڙن ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ان سان رابطو ختم ٿي ويو.
هاڻ اُڏام جي ڊيٽا جو تجزيو ڪري ڌماڪي جي اصل ڪارڻ جو پتو لڳايو ويندو، ته جيئن ايندڙ پرواز کي بهتر بڻائي سگهجي.
You might also like