سمرتي ايراني جو مڙس سلمان خان سان ڇا ڪندو هو؟ اداڪارا ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽيليويزن جي مشهور اداڪارا سمرتي ايراني انڪشاف ڪيو آهي ته بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان پهرين ملاقات ۾ ئي هن کي شادي نه ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي.
ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي سمرتي ايراني ٻڌايو ته شاهه رخ سان سندس پهرين ملاقات سندس مڙس زوبن ايراني جي ذريعي ٿي هئي، تنهنڪري جڏهن شاهه رخ هن کي شادي نه ڪرڻ جي صلاح ڏني، ته اهو مشورو هن لاءِ تمام عجيب ۽ کِل جوڳو لڳو.
سمرتي چيو ته ” منهنجو مڙس شاهه رخ کي سڃاڻندو هو، انڪري مان سندس پويان پئجي وئي هيس شاهه رخ سان منهنجي ملاقات ڪرائي ۽ جڏهن منهنجي ساڻس ملاقات ٿي، ته هن مون کان چيو ته مان توکي چوان ٿو ته شادي نه ڪر، جنهن تي مون کيس چيو ته ادا گهڻي دير ٿي وئي آهي.“
ٻئي پاسي سمرتي ايراني سلمان خان ۽ سندس پيءُ سليم خان سان پهرين ملاقات بابت ٻڌايو ته ”ممبئي جي هڪ ڪاليج ۾ سلمان ۽ منهنجو مڙس زوبن ايراني ڪلاس فيلو هئا، جڏهن زوبن مون کي سلمان سان ملايو ته اتي سندس والد سليم خان پڻ موجود هو.“
سمرتي موجب، پهرين ملاقات دوران سليم خان چيو ” توکي خبر آهي ته تنهنجو مڙس منهنجي پٽ سان ڇا ڪندو آهي ؟ ٻئي منهنجي ڪار کڻي ڊرائيو تي نڪري ويندا آهن، ٻئي نڪما اٿئي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.