بئنگلورو (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۽ وري ٽيسٽ کانپوءِ ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهليءَ جي انڊين پريميئر ليگ ( آءِ پي ايل ) تان به رٽائرمينٽ جون خبرون وائرل آهن.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ويرات ڪوهلي آءِ پي ايل ۾ پنهنجي ٽيم رائل چئلينجرز بئنگلورو (آر سي بي) سان 2026ع واري سيزن لاءِ نئون ڪمرشل معاهدو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
جنهن کانپوءِ آر سي بي جي ليجنڊري ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي جي آءِ پي ايل جي مستقبل سان سوال اُٿڻ لڳا آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، افواهه آهن ته ڪوهلي آءِ پي ايل تان نه رٽائرمينٽ بابت سنجيدگيءَ سان ويچارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
جيتوڻيڪ ويرات ڪوهلي يا آر سي بي طرفان اڃا تائين ان حوالي سان ڪو باظابطا بيان سامهون آيو پر مداح سوشل ميڊيا تي اسٽار بيٽر جا ٿورا مڃيندي نظر اچي رهيا آهن.
واضح رهي ته ويرات ڪوهلي رائل چئلنجرز بئنگلور (ھاڻي بئنگلورو) انڊين پريميئر ليگ جي اٽڪل ٻن ڏهاڪن تائين پکڙيل تاريخ جي اُھا اڪيلي ٽيم هئي هئي، جيڪا ٽرافي نه کٽڻ باوجود پاپيولراٽي جي لحاظ کان سڀ کان اڳيان رهي، جنهن جو سڀ کان اهم ڪارڻ ويرات ڪوهلي هو، هن سال نيٺ ڪوهلي جي ٽيم ٽورنامينٽ کٽي ڊگهي انتظار جو انت آندو.
هڪ واهپيدار لکيو ته ” آءِ پي ايل ليگ ڪرڪيٽ جو نڪُ آھي ۽ آر سي بي ان نَڪَ ۾ ڦليءَ جيئن آھي…“
You might also like