فواد خان ۽ ماهرا خان جي رومانوي فلم ”نيلوفر“ جو ٽيزر جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻنهي اداڪارن وچ ۾ محبت، جذبن ۽ جدائي جا رنگ نظر آيا.
اها فلم هلندڙ سال 28 نومبر تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي، جنهن جي ڪهاڻي امر رسول لکي آهي ۽ اهو ئي هدايتڪار به آهي.
فلم کي اوصاف شارق پروڊيوس ڪيو آهي، جڏهن ته فواد خان ۽ حسن خالد ايگزيڪيوٽو پروڊيوسرز طور شامل آهن.
فلم جي ڪاسٽ ۾ ماهرا خان ۽ فواد خان کانسواءِ عتيقا اوڍو، بهروز سبزواري، مديحا امام، ثروت گيلاني، گوهر رشيد، فيصل قريشي، سامعه ممتاز، راشد فاروقي، چاند برال، سيمي راحيل، عديل هاشمي، حرا ترين ۽ نويد شهزاد سميت ٻيا مشهور فنڪار شامل آهن.
You might also like