اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن 26هين آئيني ترميم نه ٿئي ها ته يحيٰ آفريدي چيف جسٽس نه بڻجي ها.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين جي سربراهي ۾ 8 رڪني آئيني بينچ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران جسٽس عائشا ملڪ چيو توهان چاهيو ٿا ڇو معاملو آئيني ترميم بابت آهي تنهن ڪري فل ڪورٽ جوڙي وڃي، ان تي وڪيل عابد زبيري چيو ته فل ڪورٽ ذريعي معاملي تي سڀني ججن جو اجتماعي وزڊم اچي ويندو.
جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته توهان ٻڌايو 17 ججن جي ئي فل ڪورٽ ڇو، 24 ججن جي ڇو نه؟ توهان ڇو چاهيو ٿا ته 26هين آئيني ترميم کان اڳ ججن تي ٻڌل فل ڪورٽ ٺهي؟
جسٽس عائشا ملڪ سوال ڪيو ته توهان جي درخواست ڇا آهي؟ ان تي وڪيل چيو ته 26هين آئيني ترميم کان اڳ موجود ڪيسن کي ٻڌڻ گهرجي.
جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اسان جيڪڏهن بينيفيشري آهيون (26هين ترميم جا) ته ڇا اسان بينچ ۾ ويهي سگهون ٿا؟ 26هين آئيني ترميم نه ٿئي ها ته يحيٰ آفريدي چيف جسٽس نه بڻجي ها، ڇو ته وقت مقرر هو، چيف جسٽس کي الله حياتي ڏئي، سينيئر پيوني کي چيف جسٽس ٿيڻو هو پر نه بڻجي سگهيو.
هن چيو ته 26هين آئيني ترميم کان اڳ وارن ججن جي فل ڪورٽ لاءِ ڪجهه ججن کي ڪڍڻو پوندو، جڊيشل ڪميشن چئي ڇڏي ته سپريم ڪورٽ جا سمورا جج آئيني بينچ جا ججن آهن ته قبول هوندو؟ ان تي وڪيل عابد زبيري چيو ته ها اسان کي قبول هوندو.
پوءِ عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
26هين آئيني ترميم نه ٿئي ها ته يحيٰ آفريدي چيف جسٽس نه بڻجي ها: جسٽس جمال مندوخيل
You might also like