ايجوڪيشن سٽي لاءِ گهريل وڌيڪ زمين ”اهم شخصيت“ کي ملندي!

ڪراچي(ارباب چانڊيو)پيپلزپارٽي جي دور حڪومت ۾ اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو پاڪستان پيپلزپارٽي جي سنڌ ڪابينا جي ميمبرن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو هڪ اهم مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ خط لکيو آهي. نه رڳو ڪابينا جي ٻن ميمبرن شاهينا شير علي ۽ سليم بلوچ پر ملير جي چونڊيل صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سڀني ميمبرن به ان خط تي صحيحون ڪيون آهن. خط لکندڙ ٻنهي ڪابينا ميمبرن شاهينا شير علي ۽ سليم بلوچ جو تعلق به ملير سان ئي آهي. خط ۾ جنهن ڳالهه جو ذڪر ٿيل آهي اها ڳالهه هڪ اهڙي طاقتور شخصيت سان جڙيل آهي جيڪا شايد ڪنهن حوالي سان وڏي وزير مراد علي شاهه کان به وڌيڪ طاقتور شخصيت آهي جو انهن ميمبرن خط ۾ ان جو نالو ناهي لکيو. خط ۾ وڏي وزير جو نه رڳو مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي پر ساڻن ملاقات لاءِ وقت به گهري ورتو آهي. سنڌ ڪابينا جي ميمبرن شاهينا شير علي ۽ سليم بلوچ سان گڏ قومي اسيمبلي جي ميمبرن آغا رفيع الله، ڄام بجار، حڪيم بلوچ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن يوسف بلوچ ۽ راجا رزاق سميت ملير جي سڄي پيپلزپارٽي قيادت سنڌ جي وڏي وزير ڏانهن اهو خط لکيو آهي. وڏي وزير سان سڌي ريت ڳالهه ڪرڻ بدران هڪ اجلاس گهرايو ۽ ان اجلاس ۾ وڏي وزير کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان جو جواب اهو ٿي سگهي ٿو ته شايد سڌيءَ ريت ان شخصيت جو نالو وٺڻ سان پيپلزپارٽي قيادت جا به لڱ ڪانڊاربا هجن اهو ئي سبب آهي جو انهن خط ۾ ڪنهن جو به نالو کڻڻ بدران نج ان مسئلي جي ڳالهه ڪئي آهي جيڪو پاڻمرادو طور ان طاقتور شخصيت سان جڙي ٿو.خط جو متن آهي ته ملير ضلعي جي نوَن هزار ايڪڙ زمين اڳواٽ ئي ايجوڪيشن سٽي کي ڏني وئي آهي جيڪو اڃا ٺهڻ جي ئي مرحلي ۾ آهي پر اڃا تائين ٺهي ناهي سگهيو، جڏهن ته ايجوڪيشن سٽي کي اڃا به وڌيڪ ڏهه هزار ايڪڙ زمين جي گهرج آهي. اها ڏهه هزار ايڪڙ ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي جنهن شخصيت ڏانهن ويندي پيپلزپارٽي قيادت سڌيءَ ريت ان جو شخصيت جو نالو وٺڻ کان لنوائي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو انهن سنڌ جي وڏي وزير کي جيڪو ان ايجوڪيشن سٽي جو چيئرمين به آهي کي اهو خط لکي ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن ملير جي ڪاٺوڙ وٽ جيڪڏهن وڌيڪ ڏهه هزار ايڪڙ زمين ايجوڪيشن سٽي کي ڏني وئي ته نه رڳو اتي صدين کان آباد هزارين ڪٽنب بي گهر ٿيندا پر اهي پنهنجي سموري ملڪيت تان به هٿ ڌوئي ويهندا. جنهن جي واهر ڪندي پيپلزپارٽي جي انهن ميمبرن همت ڪري ان مسئلي تي پنهنجو آواز اٿاريو آهي ۽ وڏي وزير جو بنا ڪنهن شخصيت جو نالو وٺڻ جي ان اهم مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي.اهڙي خط کانپوءِ اهو مسئلو وڏي وزير جي درٻار ۾ اچي ويو آهي جيڪڏهن سيد مراد علي شاهه ان مسئلي تي نوٽيس ورتو ۽ پنهنجي ميمبرن جي ڳالهه کي اهم سمجهي انهن جو ساٿ ڏنو ته اها اهم شخصيت ڪاوڙجي پوندي. انهن ميمبرن مان هڪ خط لکڻ جو سبب ٻڌائيندو چيو آهي ته  مجبوري اها آهي ته يا اسان پنهنجي ملڪيتن، گهرن ۽ ٻين اثاثن تان هٿ کڻون ۽ خاموش ويهي رهون يا وري پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريون. هن ٻڌايو ته اڳ ۾ ئي اسان ملير جي ڪيترين ئي شين تان هٿ ڌوئي ويٺا آهيون هاڻي اسان جون باقي شيون به ڏهه هزار ايڪڙ جي ور چڙهي تينوال ٿي وينديون.اهم ڳالهه اها به آهي ته اهي ڪابينا جا ميمبر ان مسئلي کي ڪابينا ۾ کڻي وڃي پئي سگهيا پر ائين نه ڪيو ويو!، ڇا ان ڳالهه مان اهو تاثر ظاهر ٿئي ٿو ته پيپلزپارٽي جي ميمبرن جي پنهنجي ئي پارٽي ۾ ٻُڌي نٿي وڃي يا اهي ڪنهن طاقتور شخصيت جي خوف ۾ آهن؟.اها ڳالهه به غور طلب آهي ته جيڪڏهن اهو مسئلو ڪابينا ۾ اچي ها ته ان بابت سڄي سنڌ توڙي ملڪ ۾ آواز اٿڻ شروع ٿي وڃن ٿا. اهو به سبب ٿي سگهي ٿو ته انهن ميمبرن خط ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڏسڻو اهو آهي ته وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ايندڙ هفتي پنهنجي ڪابينا ميمبرن جي مسئلي تي ڌيان ڏئي انهن سان ملاقات ڪري اهڙي انتهائي اهم مسئلي تي نوٽيس وٺي ٿو يا وري مسئلو احتجاج ڏانهن ويندو، ڇو ته لڳي ڪو نه ٿو ته ملڪيتون وڃائيندڙ ۽ بي گهر ٿيندڙ ان ايڏي وڏي مسئلي تي چپ ٿي ويهندا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عواُمِي آواز، سومر 13 آڪٽوبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.