ڪراچي / ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) جماعت اسلامي ڪسان بورڊ طرفان ڪاشف سعيد شيخ جي قيادت هيٺ ڪنڌڪوٽ ۾ هاري حقدار ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ هاري آبادگار ۽ سياسي سماجي اڳواڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙ ”هارين کي حق ڏيو، سارين جو اگهه ڏيو“ جا نعرا هڻندي ڊپٽي ڪميشنر آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا.
جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته هارين کي هاري ڪارڊن جي ضرورت ناهي، پر کين فصلن جو جائز اگهه ڏنو وڃي.
هن چيو ته هارين جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي، هن گهر ڪئي ته آبادگارن سان ناانصافي ختم ڪئي وڃي ۽ سارين جو اگھه گهٽ ۾ گهٽ 4000 رپيا في مڻ مقرر ڪيو وڃي.
هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ هاري ۽ آبادگار گذريل ڪيترن ڏينهن کان پاڻي جي کوٽ، ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽ تي وڪرو ٿيڻ، مهانگي ٻج ۽ دوائن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن، پر حڪمران مسلسل ڪن لاٽار ڪري رهيا آهن، اٽو 5000 رپيا في مڻ ۽ ڪڻڪ ۽ سارين 2200 رپيا في مڻ خريد ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟
صوبائي امير چيو ته وڏا سرمائيدار ۽ ملن جا مالڪ فصلن کي سستي قيمت تي خريد ڪري، ان مان چانور، کنڊ، اٽو، گيھ، آئل ڊبل اگهه تي وڪرو ڪري ڪروڙپتي بڻجي وڃن ٿا، جڏهن ته هاري ۽ ننڍا آبادگار اڃا به بُک ۽ بدحالي ۾ آهن.
ڪاشف شيخ چيو ته ايڪسپورٽرن ۽ رائيس ملرز ڳٺ جوڙ ڪري سارين جو ريٽ ڪيرائي ڇڏيو آهي، ۽ هڪ مهيني کانپوءِ جڏهن سارين سرمائيدار جي گدامن ۾ بند ٿينديون ته ريٽ 4000 کان به وڌي ويندو.
هن چيو ته هتان جا زميندار ۽ دوائن وارا ڪمپنيون هارين ۽ آبادگار خلاف گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، گذريل 15 سالن کان سنڌ جي آبادگارن کي ڪمند، ڪڻڪ ۽ سارين جو مناسب اگھه نه مليو.
ڪاشف سعيد شيخ سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هارين ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ، ڪپهه، ڪمند، سورج مکي سميت فصلن جو جائز اگھه ڏنو وڃي، ڍل، لينڊ ٽيڪس ۽ ٻيا چارجز ۽ زرعي قرض معاف ڪيا وڃن. ٻج، ڀاڻ ۽ ڊيزل تي رعايت ڏني وڃي، ننڍن آبادگارن کي اڌ قيمت تي ٽريڪٽر ۽ زرعي اوزار ڏنا وڃن. زرعي ٻجن جو بهتر اگھه تي ملڻ کي يقيني بڻايو وڃي، جيئن ننڍا آبادگار ترقي ڪري سگهن.
ان موقعي تي صوبائي نائب امير حافظ نصرالله چنا، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري امدادالله بجاراڻي، امير ضلع غلام مصطفى ميراڻي ۽ ڪسان بورڊ جي اڳواڻ استاد حفيظ الله گولو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ اعلان ڪيو ته آچر، 19 آڪٽوبر تي هارين جي حقن ۽ آبادگارن سان ٿيندڙ ناانصافي خلاف سموري سنڌ ۾ پريس ڪلبن ۽ ڊپٽي ڪميشنر آفيس آڏو احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويندا.
جماعت اسلامي جي ڪنڌڪوٽ ۾ هاري حقدار ريلي، 19 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان
You might also like