ڪابل(م ڊ) افغان طالبان جي مرڪزي ترجمان ذبيح الله مجاهد دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۾ هڪ مخصوص گروهه افغانستان جي بهتر ٿيندڙ سيڪيورٽي صورتحال ۽ ان جي ترقيءَ کان خوش ناهي. هن دعويٰ ڪئي ته هي مخصوص گروپ هاڻ افغانستان خلاف سازشون ڪري رهيو آهي.طالبان ترجمان حمد الله فطرت پاران "ايڪس” (پراڻي ٽوئيٽر) تي ذبيح الله مجاهد جي پريس ڪانفرنس جو متن جاري ڪيو ويو آهي. ان متن مطابق، ذبيح الله مجاهد چيو ته معلومات جي بنياد تي اسين يقين سان چئي سگهون ٿا ته پاڪستاني فوج جي اڪثريت، سياستدان، علماءِ ڪرام ۽ عوامي حلقا افغانستان مخالف ايجنڊا سان متفق ناهن. هوڏانهن ذبيح الله مجاهد دعوي ڪئي آهي ته افغانستان جي جوابي ڪارروائي ۾ 58 پاڪستاني فوجي نشانو بڻايا آهن.