ماٿيلي جي ڪچي ۾ ڀوتارڪاروڪاري کي ڪاروبار بڻائي ”بادشاهت“ جوڙي ڇڏي

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ:خالد وسير) کروهي ۾ يارو لنڊ پوليس جي ملي ڀڳت سان ڪارو ڪاري ڀوتارن لاءِ ڪاروبار بڻجي ويو، وڏيرن پاران الڳ رياست قائم، ڪارپ جي الزام هيٺ آيل بي گناه نياڻين لاءِ قاعدا ۽ قانون مقرر هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. يارو لنڊ ٿاڻي هي حد ۾ پوليس جي ملي ڀڳت سان کروهي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي ڀوتارن لاءِ ڪارو-ڪاري ڪاروبار بڻجي ويو آهي، ان سلسلي ۾ روزاني عوامي آواز کي مليل ڄاڻ موجب شرن جا ڪيترائي وڏيرا، عورتن جي مڙسن سان ڳٺ جوڙ ڪري، بي گناه عورتن مٿان ڪارنهن جو الزام ڏئي 10 کان 20 لک روپيا ڏنڊ وصول ڪرڻ جو سلسلو گذريل ڪيترن ئي مهينن کان هلندو پيو اچي، ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب يوسي چيئرمين روشن شر، وڏيرو جنسار شر، خانو شر، نويد شر ۽ الهوسايو شر ڪارپ جي الزامن جا جرڳا ڪري لکين روپيا ڏنڊ وصول ڪن ٿا، وصول ڪيل رقم مان 50 هزار کان هڪ لک تائين جرڳو ڪندڙ وڏيري جي فيس مقرر ٿيل آهي جنهن سبب وڏيرا ڪارو ڪاري کي ڪاروبار بڻائي پنهنجي گهر جو گذر سفر ڪرڻ لڳا آهن ۽ ان سموري عمل ۾ حد جي پوليس پڻ ملوث هجي ٿي اهو ئي سبب آهي جو عورتن کي ڪارو ڪندڙ مڙسن خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ناهي ٿي سگهي.

  1. کروهي ۾ جرڳائين جي اوطاقن تي چڙهائي، ڊيل جون ڪوششون

ميرپورماٿيلو (رپورٽ:خالد وسير) گهوٽڪي ضلعي جي کروهي واري علائقي ۾ ڪارو ڪاري جرڳائين خلاف ڪاروايون, وليس جون جرڳائين جي گرفتاري لاء چڙهائيون, ايس ايڇ او يارو لنڊ رياض ڪورائي جرڳائين سان ڊيل ڪرڻ ۾ لڳي ويو. گهوٽڪي ضلعي جي کروهي واري علائقي ۾ عورتن کي ڪاروڪاري قرار ڏئي جرڳا ڪندڙ ڀوتارن خلاف پوليس جون ڪاروايون جاري آهن ايس ايڇ او يارو لنڊ رياض ڪورائي جرڳائين جي اوطاقن تي چڙهائي ڪئي پر ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي ذريعن موجب ايس ايڇ او جرڳائي ڀوتارن سان ڊيل ڪري رشوت وٺڻ ۾ مصروف آهي جنهن بعد جرڳي ڪيس ۾ وڌيڪ ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي نه ئي ڪارنهن الزام هيٺ آيل عورتن جي مڙسن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

  1. تهمت مڙهيل عورت کي نيڪالي، 6 مهينن تائين پيڪن ۾ به نه ايندي

  2. ميرپور ماٿيلو:ڪارپ جي الزام هيٺ آيل عورت کي علائقي مان نيڪالي ملندي، 6 مهينن تائين پيڪن ۾ نه ايندي. جرڳائي وڏيرن ڪارپ جي الزام هيٺ آيل عورتن لاءِ اصول قائم ڪري ڇڏيو آهي ته کين علائقي مان نيڪالي ڏئي وڪرو ڪيو ويندو جنهن بعد 6 مهينن تائين عورت پنهنجي والدين جي گهر به نه اچي سگهندي، اهڙي ريت ڪيترين ئي بي پهچ ۽ غريب گهراڻن جي عورتن کي ڪارو ڪيو وڃي ٿو.
  3. ڪارپ جي الزام هيٺ آيل ناري فرزانه 7 لکن ۾ وڪرو

ميرپور ماٿيلو: ڪارپ جي الزام هيٺ آيل ناري فرزانه 7 لک ۾ وڪرو ٿي، کيس بعد ۾ مبينا طور قتل ڪيو ويو، وارثن کي لاش به نه مليو. عوامي آواز کي مليل ڄاڻ موجب ڪارپ جي الزام هيٺ آيل ناري فرزانه شر کي جرڳائي وڏيرن جي چوڻ تي مڙس نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي جنهن بعد ناري کي 7 لک ۾ وڪرو ڪيو ويو، خريدارن ڪجهه مهينن بعد ناري کي مبينا طور قتل ڪري وارثن کي لاش به فراهم نه ڪيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.