خوف پيدا ڪرڻ لاءِ ماڻھو گم ڪرايا پيا وڃن، ملڪ ۾ لاقانونيت آهي: رياض چانڊيو

گھارو (ويب ڊيسڪ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيي چيو آهي ته سنڌين ۾ خوف پيدا ڪرڻ لاءِ ماڻھو گم ڪرايا پيا وڃن، ملڪ ۾ لاقانونيت آهي، سياسي ڪارڪن توڙي عام شهري غير محفوظ آهن.
اهڙن خيالن جو اظهار هن گھاري ۾ 20 ڏينھن کان کنڀي گم ڪيل رياض ناھيو جي آزادي لاءَ نيشنل ھاءِ وي تي جاري ڌرڻي ۾ ڳالهائيندي ڪيو.
رياض چانڊيي چيو ته چورن، منشيات فروشن ۽ ڌاڙيلن کي ته سرڪار نٿي کڻي، رياض ناھيو کي بي ڏوهه اغوا ڪيو ويو آھي، جيڪڏهن مٿس ڪو ڪيس آھي ته کيس عدالت ۾ ڇو پيش نٿو ڪيو وڃي.
ھن چيو ته معشيت تباهه ٿي چڪي آھي، امن امان نالي ڪا شئي ناھي، صحافي ٽارگيٽ ڪيا پيا وڃن، سول سوسائٽي جا ماڻھو کڄن پيا، 18 سالن کان جھموريت جا ڪوڙا نعرا هڻندڙ رڳو ڪرپشن ۾ پورا آهن.
سندس چوڻ هو ته ظلم خلاف سنڌ جي سڀني سياسي پارٽين، سول سوسائٽي ۽ عوام دوست ڌرين کي گڏ ٿيڻو پوندو، جبري طور کنيل سمورا ماڻھو آزاد ڪيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.