اوسلو (ويب ڊيسڪ) فٽبال ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائر ميچ ۾ ناروي جي ٽيم اسرائيل کي 0-5 تان بدترين شڪست ڏئي ڇڏي.
ميچ دوران اسٽيڊيم ”فلسطين کي آزاد ڪيو“ جي نعرن سان گونجي اٿيو، اسٽيڊيم جي اندر ۽ ٻاهر شوقينن غزا ۾ اسرائيلي جارحيت خلاف سخت احتجاج ڪيو.
اسٽيڊيم ۾ هر پاسي فلسطيني جهنڊا نظر آيا، جڏهن ته شوقينن کي ڳاڙهي رنگ جا علامتي ڪارڊ به کنيل هئا.
احتجاج ڪندڙن فلسطينين جي نسل ڪشي تي اسرائيل کان پڇاڻي جو مطالبو به ڪيو.
فٽبال ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ۾ ناروي هٿان اسرائيل کي بدترين شڪست، اسٽيڊيم ۾ فلسطين جا نعرا
Next Post
You might also like