ڪراچي ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جون 3 عورتون فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جون 3 عورتون فوت ٿي ويون.
شاهراهه فيصل اسٽار گيٽ وٽ تيز رفتار گاڏي فٽ پاٿ سان ٽڪرائڻ کانپوءِ اونڌي ٿي وئي، جنهن ۾ سوار 3 عورتون فوت ۽ هڪ نوجوان زخمي ٿي ويو.
حادثي ۾ گاڏي ۾ سوار هڪ عورت ٿڏي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٻن عورتن ۽ هڪ نوجوان کي زخمي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي وڌيڪ ٻه عورتون علاج دوران فوت ٿي ويون.
فوتين جي سڃاڻپ 50 ورهين جي اسما، 19 ورهين جي منتها ۽ 22 ورهين جي فريال جي نالن سان ٿي، جيڪي هڪ ئي خاندان جون هيون.
پوليس موجب حادثو امڪاني طور تيز رفتاري سبب پيش آيو، گاڏي ڊرائيور جي ضابطي مان نڪري فٽ پاٿ تي ٽڪرائڻ کانپوءِ اونڌي ٿي پئي، حادثي ۾ گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.