اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير محسن نقوي افغانستان سان ڇڪتاڻ دوران شهيد 23 بهادر جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته بهادر جوانن پنهنجون جانيون وطن جي دفاع لاءِ نڇاور ڪري عظيم مثال قائم ڪيو، افغان طالبان ۽ ڀارتي حمايت يافتا دهشتگردن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو.
هن چيو ته اسان جي جوانن 200 کان وڌيڪ دهشتگردن کي ماريو، سيڪيورٽي فورسز جا جوان قوم جا هيرو آهن، ملڪي سلامتي ۽ دفاع لاءِ زندگيون نڇاور ڪندڙ بهادر جوانن جون قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون.
You might also like