فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي قيادت ۾ بهادر فوج دشمن کي عبرتناڪ سبق سيکاريو، پاڪ فوج جيڪا ڪارروائي ڪئي، اها وقت جي ضرورت هئي.
فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته سڄي قوم جي دلين ۾ سوال اٿي رهيا هئا ته ڪيستائين جوانن جا جنازا پڙهيا ويندا، سڀني جي خواهش هئي ته ان جو جواب ڏنو وڃي ۽ اهڙو ئي جهڙو ڏنو ويو آهي، ان تي مان وزيراعظم، صدر ۽ فيلڊ مارشل کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو.
هن چيو جواب ته وقت جي ضرورت هو جهڙي اثرائتي انداز سان جواب ڏنو ويو آهي، اهو حق هو، هاڻ سياسي قيادت کي ان موقعي تي لبيڪ چوڻ گهرجي.
You might also like