راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ – افغان بارڊر تي افغانستان طرفان بنا سبب فائرنگ جي جواب ۾ پاڪ فوج ڀرپور ڪارروائي ڪندي 200 کان وڌيڪ طالبان ۽ خارجي ماري ڇڏيا، جڏهن ته پاڪستان جي 23 بهادر جوانن شهادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب افغان طالبان ۽ ڀارتي حمايت يافتا خارجين رات جي وقت پاڪ – افغان سرحد تان پاڪستان تي بنا سبب حملو ڪيو، جنهن جو مقصد دهشتگردي جي سهولتڪاري لاءِ سرحدي علائقن کي غير مستحڪم ڪرڻ هو.
آءِ ايس پي آر ترجمان ٻڌايو ته پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ۾ فائرنگ ۽ حملن سان گڏ طالبان جي ڪيمپن، چوڪين ۽ تربيتي مرڪزن تي ڇاپا به هنيا ويا، طالبان جا ڪيترائي ٺڪاڻا تباهه ڪيا ويا ۽ افغان سرحد تي دشمن جي 21 چوڪين کي قبضي ۾ ورتو ويو.
ترجمان موجب حملن ۾ ملوث ڪيترين ئي تربيتي ڪيمپن کي به ناڪارا بڻايو ويو، جهڙپن دوران پاڪستان جا 23 بهادر جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 29 فوجي زخمي ٿيا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪارروائي دوران 200 کان وڌيڪ طالبان ۽ خارجي ماريا ويا ۽ ڪيترائي زخمي ڪيا ويا، طالبان جي پوسٽن، ڪيمپن، هيڊ ڪوارٽرز ۽ دهشتگردي جي بنيادي ڍانچي کي به تباهه ڪيو ويو.
بيان ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج عوام جي سلامتي، جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر وقت تيار آهي، افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، اها سنگين شرپسندي طالبان پرڏيهي وزير جي ڀارت دوري دوران پيش آئي، جيڪو خطي ۾ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو اسپانسر آهي.
آءِ ايس پي آر چيو ته طالبان حڪومت فتنه الهندوستان، فتنه الخوارج ۽ داعش جي خاتمي لاءِ فوري طور قدم کڻي، پاڪستان دهشتگردي جي هدفن کي مسلسل بي اثر ڪري پنهنجي عوام جي دفاع جي حق جو استعمال جاري رکندو.
افغان طالبان جي شرپسندي تي پاڪ فوج جو ڀرپور جواب، 200 کان وڌيڪ طالبان ۽ خارجي ماريا ويا، 23 جوان شهيد
You might also like