اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري افغانستان جي جارحيت تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته افغان قيادت پاڪستان مخالف دهشتگرد عنصرن جي خاتمي لاءِ قدم کڻي.
پنهنجي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندوستان خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ وڏو خطرو آهن، دهشتگردي خلاف جنگ گڏيل ذميواري آهي، ڪنهن هڪ ملڪ تي ان جو بار نٿو رکي سگهجي، اميد ته افغان حڪومت پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ کان روڪيندي.
هن چيو ته پاڪستان 4 ڏهاڪن تائين افغانين جي ميزباني ڪري سٺي پاڙيسري جو مثال قائم ڪيو، امن جي بحالي سان گڏ افغان شهرين جي باعزت واپسي ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان پنهنجي قومي خود مختياري تي ڪا سوديبازي نه ڪندو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو خواهشمند آهي، ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل احترام، سيڪيورٽي سهڪار ۽ خطي جي امن سان جڙيل آهن، دهشتگردي خلاف گڏيل ۽ عملي قدمن کي ڊگهي امن جي ضمانت آهن.
You might also like