اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف افغانستان جي شرپسندي تي ڀرپور جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم پاڪستان ۾ حملن ۾ ملوث افغانستان ۾ موجود دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي ڪاميابي سان نشانو بڻائڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ انهن ڪامياب ڪارروائين دوران شهادت ماڻيندڙ 23 جوانن کي به ڀيٽا پيش ڪئي.
هن چيو ته پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت تي فخر آهي، پاڪستان جي دفاع تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي ۽ هر شرپسندي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، پاڪ فوج سدائين هر قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي.
سندس چوڻ هو ته سڄي قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺي آهي، دهشتگرد تنظيمن کي افغانستان ۾ موجود عنصرن جي حمايت حاصل آهي، پاڪستان اميد رکي ٿو ته افغان نگران حڪومت پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏيندي.
You might also like