پاڪ – افغان ڇڪتاڻ تي سعودي عرب جو اهم بيان اچي ويو

رياض (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي پاڪستان تي حملي ۽ پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي تي سعودي عرب جو ردعمل سامهون اچي ويو.
سعودي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ تازي جهڙپن ۽ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي آهي، ٻئي ملڪ ڇڪتاڻ ۾ واڌ کان پاسو ڪندي صبر جو مظاهرو ڪن ۽ ڳالهين سان مسئلو حل ڪن ته جيئن خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رکي سگهجي.
بيان موجب سعودي عرب خطي ۾ امن ۽ سلامتي جو خواهشمند آهي ۽ چاهي ٿو پاڪستان ۽ افغانستان جي لاڳاپن ۾ بهتري اچي ته جيئن ٻئي قومون خوشحالي جي رستي تي اچي سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.