اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت سرڪاري ملازمن جي هائوسنگ رينٽ الائونس ۾ 85 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. ناڻي واري وزارت هائوسنگ رينٽ الاؤنس ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سمري وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حتمي منظوري لاءِ پيش ڪئي ويندي. هائوس رينٽ جي الاؤنس ۾ واڌ گريڊ 1 کان 22 تائين جي ملازمن لاءِ هوندي. واڌ مستقل ۽ ڪانٽريڪٽ سرڪاري ملازمن تي لاڳو ٿيندي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب واڌ موجودا بنيادي پگهار تي لاڳو ٿيندي. موجودا الاؤنس 2008 جي بنيادي پگهار تي ڏنو پيو وڃي.