پاڪستان ۾ کيڏڻ چئلينج آهي، بابر اعظم جي وڪيٽ سڀ کان اهم هوندي: ايڊن مارڪرم

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ايڊن مارڪرم چيو آهي ته پاڪستان جي ڪنڊيشن اسان لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، جڏهن بابر اعظم جي وڪيٽ اهم هوندي.
پهرين ٽيسٽ ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي ايڊن مارڪرم چيو ته هتان جي ڪنڊيشن چئلينج هوندي، اسان ان تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته هتي اسپنرز لاءِ پچز سازگار هونديون.
هن چيو ته اسان جي تياري مڪمل آهي، اسپنرز خلاف کيڏڻ تي ڪم ڪيو آهي، بابر اعظم اسان لاءِ هڪ وڏي وڪيٽ هوندي.
ان کان اڳ ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ٽيسٽ سيريز جي ٽرافي جي مهورت ڪئي.
ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ايڊن مارڪرم نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو.
ان موقعي تي شان مسعود پنهنجي ڏکڻ آفريڪي هم منصب کي ميوزيم ۾ موجود ٽرافين بابت آگاهي ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.