لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان شان مسعود چيو آهي ته چيمپيئن ٽيم خلاف کيڏڻ ۽ سٺو نتيجو حاصل ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي.
ڪپتان شان مسعود ڏکڻ آفريڪا خلاف سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ سيريز بابت ڳالهائيندي چيو ته اسان سٺي تياري ڪئي آهي، جيتري ڪري سگهياسين، ڪوشش هوندي ته سٺي شروعات ڪيون، اسان جو اعتماد وڌندو، گذريل سيزن ۾ نتيجا آئيڊيل نه هئا پر گهڻو ڪجهه سکيو آهي.
ٽيسٽ جي ڪپتان چيو ته ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ 20 وڪيٽون وٺڻ ضروري آهي ۽ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ هوم گرائونڊ تي کيڏڻ وڏي اهميت رکي ٿو.
هن هاءِ اسڪورنگ ٽيسٽ ميچن بابت ڳالهائيندي چيو ته جيڪڏهن ڇهه ڇهه سئو رنسون ٺهنديون ته پوءِ ميچ جو نتيجو نه نڪري سگهندو.
شان مسعود چيو ته ساجد خان اسان جو اهم بالر آهي، هو تازو ئي وائرل انفيڪشن مان صحتياب ٿيو آهي، اڄ هن بالنگ پريڪٽس به ڪئي آهي، اسان وٽ اڃا وقت آهي، جڏهن ٽيم شيٽ تيار ٿيندي ته هو پهرين ترجيح ۾ هوندو، ساجد خان کي شامل ڪرڻ لاءِ ٿورو وڌيڪ وقت گهربل هوندو.
ڪپتان چيو ته ٽيسٽ لاءِ اسان وٽ 12 کان 13 نالا آهن، هوم ڪنڊيشنز جو فائدو هر ملڪ وٺندو آهي ۽ اسان کي پنهنجي گرائونڊ تي وڌ کان وڌ ميچون کٽڻيون آهن.
ٻئي پاسي ڏکڻ آفريڪي جي ڪپتان ايڊن مارڪرم چيو ته هتان جي ڪنڊيشن چئلينج هوندي، اسان ان تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته هتي اسپنرز لاءِ پچز سازگار هونديون.
هن چيو ته اسان جي تياري مڪمل آهي، اسپنرز خلاف کيڏڻ تي ڪم ڪيو آهي، بابر اعظم اسان لاءِ هڪ وڏي وڪيٽ هوندي.
هر ملڪ هوم ڪنڊيشن مان لاڀ ماڻي ٿو، اسان کي ٽيسٽ ميچ کٽڻ لاءِ ويهه وڪيٽون وٺڻيون پونديون: شان مسعود
You might also like