لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڪپتان شان مسعود ۽ ڏکڻ آفريڪا جي قائد ايڊن مارڪرم نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ٽيسٽ سيريز جي ٽرافي جي مهورت ڪري ڇڏي.
ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ايڊن مارڪرم نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو.
ان موقعي تي شان مسعود پنهنجي ڏکڻ آفريڪي هم منصب کي ميوزيم ۾ موجود ٽرافين بابت آگاهي ڏني.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان شروع ٿيندي.
You might also like