اسلام آباد (نجم سيٺي) پاڪستان قومي سلامتي ۽ علائقائي پرڏيهي پاليسي ۾ هڪ واضح ۽ فيصلائتي تبديلي جي شروعات ڪئي آهي، هن تبديلي تحت رياست دهشتگرد گروهن سان ڳالهين ۽ مفاهمت واري پاليسي کي ڇڏيندي هڪ جارحاڻو ۽ اڳواٽ دهشتگردي مخالف حڪمتِ عملي اختيار ڪئي آهي، هيءَ نئين پاليسي نه رڳو خيبر پختونخوا جي سياست تي گهرا اثر ڇڏيندي پر افغانستان ۽ ڀارت سان پاڪستان جا لاڳاپا به نئين مرحلي ۾ داخل ٿي چڪا آهن، رياستي سلامتي ادارن عمران خان ۽ جنرل فيض حميد جي دور ۾ اختيار ڪيل ان پاليسي کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ دهشتگرد گروهن سان ڳالهين ۽ مالي مفاهمت کي ترجيح ڏني وئي هئي، نئين حڪمتِ عملي کي ”هاڻي بس تمام ٿي ويو“ جي اصول تي بيهاريو ويو آهي، جيڪو 2014 ۾ آرمي پبلڪ اسڪول حملي کانپوءِ ٿيندڙ فيصلائتين فوجي ڪاررواين جي ياد ڏياري ٿو، رياست اعلان ڪيو آهي ته دهشتگردن خلاف ڪارروائي، ڀلي سرحد جي اندر هجي يا ٻاهر بنا ڪنهن ترديد جي جاري رهندي، نئين سلامتي حڪمت عملي ۾ اهو اصول شامل ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ملڪ جي تحفظ لاءِ ضروري ٿيو ته سرحد پار ڪارروائي به ڪئي ويندي، هن موقف جي جواز طور اهي مثال ڏنا پيا وڃن، جيڪي اڳ ئي عالمي سطح تي موجود آهن، جيئن آمريڪا جون افغانستان ۾ ڪارروايون، اسرائيل جا حماس خلاف حملا ۽ ڀارت جي پاڪستان اندر مداخلت، هن پاليسي جي تبديلي جا سڌا اثر خيبر پختونخوا جي سياست تي پئجي رهيا آهن، سيڪيورٽي ادارن موجب صوبي جي حڪومت جو رياستي پاليسي سان هم آهنگ هجڻ لازمي آهي ۽ اهڙي ڪا به صوبائي حڪومت برداشت نه ڪئي ويندي، جيڪا دهشتگردن لاءِ نرم رويو رکي، ڪنهن به اهڙي قيادت کي جيڪا هن پاليسي کان انڪار ڪندي فوري طور هٽائڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي، هن مقصد لاءِ مختلف رستن تي غور ٿي رهيو آهي، جن ۾ اميدوار جي تبديلي، اعتماد جي ووٽ ۾ رڪاوٽ، قانوني ڪارروايون يا گورنر راڄ جو نفاذ شامل ٿي سگهي ٿو، هن پسمنظر ۾ مولانا فضل الرحمان جي گورنر خيبر پختونخوا سان ملاقات کي متبادل قيادت جي امڪانن سان جوڙي پيو ڏٺو وڃي، افغانستان جي حوالي سان پاڪستان جي پاليسي هڪ نئين ۽ وڌيڪ سخت مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي، رياست فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن طالبان حڪومت تحريڪِ طالبان پاڪستان ۽ بلوچ لبريشن آرمي خلاف ڪارروائي نه ڪندي ته پاڪستان انهن دهشتگرد ٺڪاڻن کي افغانستان جي اندر نشانو بڻائيندو، هي فيصلو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ شديد تڪرار پيدا ڪندو ۽ ممڪن آهي ته ايندڙ ٽن مهينن دوران افغانستان جي اندر اقتدار جي اندرين ڇڪتاڻ يا ”ريجيم چينج“ جي صورت ۾ نيون حالتون پيدا ٿين، پاڪستان هاڻي هن امڪان تي به غور ڪري رهيو آهي ته طالبان جي اندر موجود مختلف ڌڙن کي سپورٽ ڪري، ڪابل جي موجوده قيادت تي دٻاءُ وڌو وڃي.