اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ سان پاڪستان جون تازيون ڳالهيون هاڪاري رهيون آهن ۽ هيل تائين ڪا وڏي رنڊڪ نظر نٿي اچي. آءِ ايم ايف مشن جي اڳواڻي چيف ايوا پيٽرووا ڪئي، جن 24 سيپٽمبر کان 8 آڪٽوبر تائين ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ پاڪستان جي اقتصادي ٽيم سان ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ 7 ارب ڊالر جي توسيعي فنڊ سهولت (EFF) ۽ 1 ارب 10 ڪروڙ ڊالر جي موسمي تبديلي واري پروگرام (RSF) جي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير سعودي عرب مان آيل اعليٰ سطحي واپاري وفد سان آن لائن ڳالهائيندي چيو ته اسان جون آءِ ايم ايف جي مشن سان تمام سٺيون ۽ هاڪاري ڳالهيون ٿيون آهن.هن چيو ته ڪجهه معاملا اڃا به بحث هيٺ آهن، پر سندس نظر ۾ ڪا وڏي رنڊڪ ناهي.محمد اورنگزيب چيو ته اسان اهي ڳالهيون اڄ رات ۽ هفتي جي آخر تائين آن لائن جاري رکنداسين ۽ اميد آهي ته ايندڙ هفتي جي شروعات ۾، جڏهن مان، اسٽيٽ بينڪ جو گورنر ۽ سيڪريٽري خزانو واشنگٽن ۾ هوندا سين ته اسٽاف ليول معاهدي کي مڪمل ڪري ڇڏينداسين.