گهوٽڪي ۾ ڀوتارمڇرجي پيا، دانهيندڙ پيرسن عورت جي قتل جا اطلاع

ميرپورماٿيلو ( رپورٽ:خالد وسير) گهوٽڪي ضلعي ۾ جرڳي ذريعي 5 عورتن کي ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد جرڳائي مڇرجي پيا.ڪارنهن الزام هيٺ آيل فرزانه شر جي قتل معاملي جي شڪايت ڪندڙ سندس سس مٿان به ڪارنهن الزام ڏيڻ جا اطلاع آهن. کروهي واري علائقي ۾ شر برادري جي 5 عورتن کي ڪارو ڪاري قرار ڏئي جرڳا ڪرڻ بعد پوليس ڪيس داخل ڪري 4 ڀوتارن کي گرفتار ڪرڻ واري معاملي بعد جرڳائي مڇرجي پيا آهن. جرڳائين تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد اطلاع مليا آهن ته ڪارنهن الزام هيٺ مبينا طور قتل ٿيل ناري فرزانه شر جي قتل بابت شڪايت ڪندڙ سندس سس مٿان پڻ مبينا طور ڪارنهن الزام لڳائي کيس مبينا طور قتل ڪري لاش گم ڪيو ويو آهي اهڙي اطلاعن بعد ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران  جو چوڻ آهي ته ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري فرزانه شر جي قتل بابت شڪايت ڪندڙ سندس سس مٿان به ڪارنهن الزام هڻي کيس قتل ڪيو ويو آهي ايس ايس پي گهوٽڪي موجب عورتن کي ڪارڪاري قرار غيرقانوني جرڳا ڪندڙ جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪنداسين وڌيڪ جاچ جاري آهي . ميرپورماٿيلو : ناري فرزانه شر کي ڪارنهن الزام ڏئي مبينا طور جرڳو ڪندڙ لطف ميان شر سان موقف معلوم ڪرڻ لاء بار بار رابطي جي ڪوشش ڪئي پر رابطو نه ٿي سگهيو آهي

مدئجي جي ٽن ڌرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو ، 3 ڪروڙ کان مٿي ڏنڊ

ڳڙهي ياسين/ شڪارپور (رپورٽ: حبيب الله ڪمبوھ/ ذوالفقار مگسي) ڳڙهي ياسين ڀرسان مدئجي ۾ خروس ناريجا ککراڻي ڌرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو سردار نجف علي خان ڪماريو ابڙو جي سرپئنچيءَ ۾ ٿي گذريو ڌرين مٿان مجموعي طور 3 ڪروڙ 60 لک 50ھزار رپيا ڏنڊ رکيو ويو ڌريون پاڻ م کير کنڊ ٿي ويا، مدئجي ۾ خروس ڌر جا ناريجا ڌر مٿان 6 قتل، هڪ زخمي ۽ ٻن جا منهن خراب ڪرڻ جا ناريجن مٿان 1ڪروڙ 65 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، في خون بھا 25لک رپيا مقرر ڪيو ويو جن جي رقم 1ڪروڙ 50لک رپيا ۽ ھڪ زخمي جا 5لک رپيا ڏنڊ ۽ ٻن ڄڻن کي منھن ۾ گوليون ھڻڻ جا 10لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، ٽوٽل رقم هڪ ڪروڙ 65 لک رپيا ناريجن مٿان خروسن جا رکيا ويا، ھڪ زخمي جا 5لک ۽ في ھڪ منھن خراب ڪرڻ جا 5، 5 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، ٻي پاسي خروس ڌر مٿان ناريجا ڌر جا 6 قتل ثابت ۽ ٻن ڄڻن جا منهن خراب ڪرڻ ۽ ٽن زخمين جو ٽوٽل ڏنڊ هڪ ڪروڙ 60 لک 50 ھزار رپيا رکيو ويو، 5 قتلن جا هڪ ڪروڙ 25 لک ڏنڊ ۽ ھڪ قتل جنهن تان جھيڙي جي شروعات ٿي ھئي ان خون جي پراڻي خون بھا رقم 15لک رپيا رکي وئي، خروس برادريءَ جي چئن چڱن کان قسم وٺندا جنهن بابت ناريجا ڌر پراڻو خون بھا 15لک وٺڻ تي راضي ٿيا ۽ ٻن جا منھن خراب ڪرڻ جا 10لک، ھڪ زخمي جا 5 لک ھڪ جا  3لک ۽ ھڪ جا اڍائي لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو ،ککراڻي ڌر جو خروس ڌر مٿان هڪ قتل ۽ ٻه زخمي ھڪ منھن خراب ڪرڻ جا 35لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو،ککراڻي ڌر جي قتل ٿي ويل عبدالرزاق جا منهن خراب ڪرڻ سميت 30 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، ٻن زخمين جا اڍائي، اڍائي لک مطلب 5 لک رپيا ڏنڊ رکيو ويو، ٽوٽل ناريجا ۽ ککراڻي ڌرين جا خروس ڌر مٿان هڪ ڪروڙ 95لک 50ھزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، گھرن ۽ مال ملڪيت جو نقصان سردار نجف علي خان ڪماريو ابڙو جي اڳواڻيءَ ۾ سرزمين تي وڃي ڌرين کي قسم ڏئي سامان واپس ڪرايو ويندو، فيصلي ۾ ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي، سردار اظهر حسين خان ڪماريو ابڙو، مير عابد حسين خان جتوئي، سردار معظم علي خان عباسي، سردار حسين بخش خان ناريجو، سميت مختلف اڳواڻن معززن فيصلي ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.