اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ مختلف ملڪن ۾ پنهنجا ڪائونٽرز فعال ڪري ڇڏيا.
نادرا جي سوشل ميڊيا تي جاري بيان موجب، اوورسيز پاڪستانين کي بهترين سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ مختلف ملڪن جي سفارتخانن ۾ ڪائونٽرز فعال ڪيا ويا آهن.
بيان ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪئناڊا ۾ مونٽريال ۽ وينڪووَر، ميلان (اٽلي)، مناما (بحرين) ۽ عمان (اردن) ۾ ڪائونٽرز فعال ڪيا ويا آهن.
کانسواءِ اٽلي جي شهر روم ۾ به جلد نادرا ڪائونٽر شروع ڪيو ويندو.
You might also like