اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينٽرل سپيرئير سروسز (سي ايس ايس) جو امتحان ڏيڻ وارن اميدوارن لاءِ اهم خبر آهي ته فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) سي ايس ايس امتحان 2024ع لاءِ سيٽن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن.
فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، مختلف وفاقي شعبن ۽ ادارن ۾ مجموعي طور تي 364 سيٽون مختص ڪيون ويون آهن، جن مان 247 نيون ۽ 117 گذريل سالن جون خالي جايون شامل آهن.
اوپن ميرٽ تحت 214، عورتن لاءِ 32 ۽ اقليتن لاءِ 118 سيٽون مختص ڪيون ويون آهن.
پنجاب جي اميدوارن لاءِ 179 سيٽون، خيبرپختونخوا لاءِ 48، بلوچستان لاءِ 31، سنڌ (ٻهراڙي) لاءِ 32 سيٽون، سنڌ (شهري) لاءِ 29، اڳوڻي فاٽا جي اميدوارن لاءِ 15 سيٽون، آزاد ڪشمير جي اميدوارن لاءِ 8 ۽ گلگت بلتستان لاءِ 4 سيٽون مختص ڪيون ويون آهن.
سي ايس ايس 2024ع جي امتحاني نتيجن کان پوءِ اهل اميدوارن کي مختلف گروپن ۾ الاٽمينٽ ڏني ويندي.