غزا ۾ جنگبندي معاهدو لاڳو ٿي ويو، اسرائيلي فوج جو اعلان

تل ابيب(ويب ڊيسڪ)اسرائيلي فوج غزا جنگبندي معاهدي کي نافذ العمل قرار ڏئي ڇڏيو.
اسرائيلي فوج طرفان اعلان ڪيو ويو آهي ته غزا جنگبندي معاهدو لاڳو ٿي چڪو آهي ۽ چيو ويو آهي ته حماس جا 11 قيدي آزاد ڪيا ويندا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، اسرائيلي فوج پنهنجن فوجين کي غزا معاهدي تحت مقرر ٿيل لائين کان پوئتي هٽائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته غزا واسين پنهنجي علائقن ڏانهن واپس وڃڻ شروع ڪيو آهي.
ان کان اڳ اسرائيلي ڪابينا غزا جنگبني ۽ يرغمالين جي ڏي وٺ واري معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
غزا امن منصوبو جي منظوري لاءِ اسرائيلي حڪومت جي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اسرائيلي وزيراعظم ۽ وزيرن سان گڏ آمريڪا جي وچ اوڀرلاءِ خاص نمائندو اسٽي ووٽڪوف ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ناٺي جيرڊ ڪُشنر به شرڪت ڪئي.
اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيوو ويو آهي حڪومت هڙني يرغمالين جي آزاديءَ واري معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
معاهدي تحت اٽڪل 2 هزار فلسطيني قيدي ڇڏيا ويندا ۽ اسرائيلي فوج جي عارضي نيڪاليءَ جي بدلي ۾ يرغمالين کي آزاد ڪيو ويندو.
رپورٽن موجب، اسرائيلي فوج هاڻي غزا پٽي اندر نين پوزيشنز تي منتقل ٿيندي، پر علائقي جو اٽڪل 53 سيڪڙو حصي تي ڪنٽرول برقرار رکندي، جنهن کانپوءِ 72 ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويندو، جنهن دوران حماس سڀ يرغمالين کي آزاد ڪندي.
واضح رهي ته غزا ۾ جنگبندي لاءِ ڪيئي مهينن کان ڪوششون جاري هيون، جنهن کانپوءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ امن معاهدي لاءِ 20 نقطا پيش ڪيا، جن جي حمايت پاڪستان سميت ٻين 8 مسلم ملڪن ڪئي، جڏهن ته اسرائيل به ان معاهدي کي قبول ڪيو.
ان کانپوءِ مصر ۾ حماس ۽ اسرائيلي عملدارن وچ ۾ ٽياڪڙي ذريعي ڳالهيون ٿيون ۽ ٻه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر غزا ۾ امن معاهدي جو اعلان ڪيو.
ان کانسواءِ هڪ سينيئر آمريڪي عهديدار ٻڌايو ته معاهدي کانپوءِ آمريڪا جي نگراني ۾ 200 اهلڪارن تي ٻڌل هڪ بين الاقوامي فورس جنگبندي جي نگراني ڪندي، جنهن ۾ مصر، قطر، ترڪي ۽ ممڪن طور تي گڏيل عرب امارتن جا فوجي شامل هوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.