ليڊز (ويب ڊيسڪ) 74 ورهين جي عورت ڪرسٽين هيڪوڪس ۽ 34 سالن مسلمان نوجوان حمزا دريدي جي محبت ۽ شادي جي انوکي ڪهاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر اِهو ثابت ٿيو آهي ته محبت ۾ عمر، مذهب، رنگ ۽ سماجي اصولن جي ڪا حد ناهي ڏسندي.
ان انوکي محبت جي ڪهاڻي جي شروعات 2018ع ۾ ٿي، جڏهن ڪرسٽين فيسبڪ تي انگريزي سيکارڻ لاءِ اشتهار شايع ڪيو. حمزا جنهن کي انگريزي ٻولي سکڻ ۾ دلچسپي هئي، اشتهار ذريعي ڪرسٽين سان رابطو ڪيو، پر جلدي اِهو آن لائين ڪلاس ڊگهي گفتگو ۽ پوءِ محبت ۾ بدلجي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، آن لائين ڪلاسز جي ڇهه هفتن دوران ئي حمزا ۽ ڪرسٽين هڪٻئي جي محبت ۾ گرفتار ٿي ويا، ان کانپوءِ ڪرسٽين تيونس جو هڪ مختصر دورو ڪيو، انهيءَ دوري دوران ئي ڪرسٽين هميشه لاءِ تيونس ۾ رهڻ جو پهه ڪري ورتو.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوڙي ڊسمبر 2020ع ۾ شادي ڪئي ۽ ٻئي تيونس ۾ رهن ٿا، جڏهن ته ڪرسٽين 2021 ۾ اسلام قبول ڪري چڪي آهي.
حمزا پنهنجي زال بابت چوڻ آهي ته ”ڪرسٽين هڪ بهترين زال آهي، هو منهنجي راڻي آهي، مان سندس شخصيت ۽ ذهانت کي پسند ڪريان ٿو.“
رپورٽن موجب، ڪرسٽين پهرين شادي 2003 ۾ طلاق تي ختم ٿي هئي ۽ پهرين شادي مان هن کي ٻن ٻارن جو اولاد آهي.
74 ورهين جي عورت 34 سالن جي مسلمان هٿان دِل ڦُرائي ويٺي، اسلام قبول ڪري شادي ڪري ڇڏيائين
You might also like