پشاور (حماد حسن) خيبر پختونخوا ۾ سهيل آفريدي جي وڏي وزير طور نامزدگي تحريڪ انصاف لاءِ خطري جو فيصلو ثابت ٿي سگهي ٿي. علي امين گنڊاپور جي برطرفي مراد سعيد جي اثر هيٺ يٿ بلاڪ جي حڪمت عملي جو نتيجو آهي، جنهن ۾ نوجوان اڳواڻن جهڙوڪ سهيل آفريدي اڳيان اچي رهيا آهن. آفريدي جي وڏي ڪمزوري سندس جذباتيت آهي، جيڪا اقتدار ۾ نقصانڪار ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن هن پنهنجي جارحاڻي روئي کي تبديل نه ڪيو ته هو صوبي جي تاريخ جو مختصر ترين وزيراعليٰ ثابت ٿي سگهي ٿو.