رحيم يار خان (م ڊ) رحيم يار خان وٽ موٽر وي ايم، فائيو تي پنجاب فوڊ اٿارٽي جي سيفٽي ٽيم ڪارروائي ڪندي هڪ بس مان 4 هزار ڪلو صحت لاءِ هاڃيڪار مئل ڪڪڙين جو گوشت هٿ ڪيو آهي، فوڊ اٿارٽي ترجمان موجب گوشت سپلاءِ ڪندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ انهن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا، ترجمان ٻڌايو ته 90 مڻ مئل ڪڪڙين جو گوشت وهاڙي کان ڪراچي جي هوٽلن ڏانهن منتقل ڪيو پئي ويو، جيڪو مريض ڪڪڙين مان تيار ڪيل هو، برآمد ڪيل سڄو گوشت موقعي تي ضايع ڪيو ويو، ان کان اڳ به بهاولنگر ۾ فاسٽ فوڊ وارن کي سپلاءِ ٿيندڙ مئل ڪڪڙيون هٿ ڪيون ويون، جتان به ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هو.