صحت کاتو اسپتالون نٿو هلائي سگهي ته اهي خانگي شعبي حوالي ڪري ڇڏيو: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سکر (رپورٽ:شفيع محمد ابڙو ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جو صحت کاتي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار، صوبي جي سڀني ضلعن ۾ دل جي اسپتالن يا يونٽن قائم ڪرڻ جو حڪم، عدالتي ذريعن موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي سخت کوٽ تي برهمي جو اظهار ڪندي سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ دل جي بيمارين لاءِ ايس آءِ سي وي ڊي اسپتالون يا يونٽ قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت دل جي مريضن  کي مفت دوائن ۽ علاج جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي، ٻن رڪني آئيني بينچ جسٽس ذو الفقار علي سانگي ۽ جسٽس رياضت علي ساهڙ ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن صحت کاتو اسپتالون نه هلائي سگهي ته پوءِ اهي خانگي شعبي حوالي ڪري ڇڏيون وڃن ته جيئن انساني جانيون ته بچي سگهن۔ عدالت سول اسپتال سکر، پنو عاقل، مورو ۽ ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ، خراب مشينري، ڊاڪٽرن ۽ عملي جي غيرحاضري ۽ دوائن جي فراهمي نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو۔جسٽس سانگي ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪي ڊاڪٽر ڊيوٽي نٿا ڪن، تن کي فارغ ڪيو وڃي، بيشمار بيروزگار ڊاڪٽر موجود آهن، جڏهن ته سرڪاري ڊاڪٽر خانگي ڪلينڪ تي ويٺا آهن، جسٽس ذوالفقار علي سانگي سيڪريٽري صحت کان پڇيو ته توهان ڪراچي جا سيڪريٽري صحت آهيو يا سڄي سنڌ جا؟ جڏهن ته جسٽس رياضت علي ساهڙ چيو ته جيڪڏهن دل جي مريض کي 75 ڪلوميٽر پري اسپتال وڃڻو پوي ته ڇا اهو زندهه پهچي سگهندو، ٻڌڻي دوران سيڪريٽري صحت عدالت کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ايس آءِ سي وي ڊي اسپتالن ۽ يونٽن جو انگ 18 آهي، جڏهن ته سڄي سنڌ ۾ صرف 10 جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته صحت کاتي کي ملندڙ فنڊ ڪٿي خرچ ٿين ٿا؟ جيڪڏهن فنڊ صحيح نموني استعمال ٿين ها ته ڪو به مريض علاج يا دوا کان محروم نه رهي ها، درخواستگذار گلزار علماني عدالت کي ٻڌايو ته مورو ۾ دل جي بيمارين لاءِ ڪا اسپتال يا يونٽ موجود ناهي، جيڪڏهن ڪنهن کي دل جو دورو پوي ته مريض کي ٻئي ضلع وٺي وڃڻ دوران ئي جان وڃائڻي پوي ٿي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔سماعت ۾ سيڪريٽري صحت، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ علي رضا بلوچ، درخواستگذارن جا وڪيل گلزار علماڻي  ۽ سهيل احمد کوسو، ڊي ايڇ او سکر علي گل شاهه، ايم ايس سول اسپتال اختيار ميراني ۽ ڊي ايڇ او نوشهروفيروز پيش ٿيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.