”سهيل آفريدي وڏوزيرِ نه بڻجندو، وڏو سرپرائز ملي سگهي ٿو“

لاهور(م ڊ) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ نديم افضل چن انڪشاف ڪيو آهي ته انهن جي معلومات مطابق تحريڪِ انصاف جو نامزد اميدوار سهيل آفريدي خيبر پختونخوا جو وزيرِاعلى نه بڻجي سگهندو، ۽ انهن جو نالو ايندڙ چوبيه ڪلاڪن ۾ تبديل ڪيو ويندو۔ هن چيو ته هي تبديلي تحريڪِ انصاف جي اندر کان ايندي، ۽ امڪان آهي ته صوبائي اسيمبلي ۾ ڪو متفقه اميدوار سامهون اچي يا ڪو نئون سياسي سرپرائز ڏنو وڃي۔ نديم افضل چن موجب ايندڙ ٻه ڏينهن خيبر پختونخوا جي سياست لاءِ انتهائي اهم آهن ۽ حالتون ڪنهن به وقت غير متوقع رخ اختيار ڪري سگهن ٿيون۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.