حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته 27 آئيني ترميم سنڌ جي وحدت خلاف ٿي ته قبول نه ڪئي ويندي. تيل، گئس، ڪوئلو، بندرگاھ ۽ معدنيات سنڌ جي ملڪيت آھن، ڦرلٽ جا قانون جوڙڻ بند ڪيا وڃن. وسيلا ھجڻ باوجود سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ غربت، بيروزگاري ۽ بدحالي آھي. سنڌ جو معاشي قتل ۽ وسيلن جي ڦرلٽ بند ڪئي وڃي، اياز لطيف پليجي چيو ته ملڪ ۾ حڪومتون تبديل ٿين ٿيون پر نظام تبديل نٿو ٿئي، جنھن ذريعي پاڪستان مسلسل بحرانن جو شڪار آھي، ھر دور ۾ ملڪ نازڪ حالتن جو شڪار رھي ٿو، اياز لطيف پليجي چيو ته موجود حڪومت خراب حڪمراني جو تسلسل ثابت ٿي آھي، ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽي سان اختلاف ڀلي نبيرين پر سنڌ جي وحدت کي نشانو نه بڻايو وڃي، اياز لطيف پليجي چيو ته سارين، جا اگھ ڪيرائي آبادگارن جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت ھٿ وٺي زراعت کي تباھ ڪري رھي آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته آءِ ايم ايف جي ھدايت تي معاشي پاليسيون نه جوڙيون وڃن.