پ پ ۽ ن ليگ وچ ۾ بيان بازي روڪي ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي اتفاق

نواب شاهه( رپورٽ: غلام نبي ڀنڀرو) پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن بيان بازي روڪڻ تي اتفاق ڪندي مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. گهرو وزير محسن نقوي، قومي اسميبلي اسپيڪر اياز صادق ۽ ڊپٽي وزيراعظم پاڪستان اسحاق ڊار، خاص اڏام ذريعي نوابشاهه پهتا. جتان سخت سيڪيورٽي ۾ زرداري هائوس نوابشاهه پهتا، جتي هنن صدر پاڪستان آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي سياسي ڇڪتاڻ تي خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ پنهنجي اڳواڻن کي بيانبازي کان روڪڻ تي اتفاق ٿيو آهي جڏهن ته اهڙي صورتحال جو حتمي فيصلو اسلام آباد ڪيو ويندو. ٻنهي سياسي پارٽين طرفان محسن نقوي جي ڪردار کي ساراهيو ويو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن کان پيپلزپارٽي ۽ نواز جي وچ ۾ ڪجهه ڏينهن کان لفظي جنگ جاري هئي، جنهن کي روڪڻ لاءِ محسن نقوي هاڪاري ڪردار ادا ڪندي ٻنهي پارٽين ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو ذريعن ٻڌايو آهي ته جڏهن ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار صدر زرداري کي پرچائڻ لاءِ نوابشاهه آيو آهي. ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ قيادت هڪٻئي خلاف بيان بازي بند ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو آهي ته ٻيهر ٻنهي پارٽين جا اڳواڻ اهڙي قسم جي ڪنهن به بيان کان پاسو ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي، وفاقي حڪومت ۽ مسلم ليگ (ن) جو وفد صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪرڻ لاءِ نوابشاهه پهتو.  جيئن پنجاب حڪومت ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ کي ختم ڪري سگهجي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت ۽ مسلم ليگ (ن) جو وفد خاص جهاز ذريعي اسلام آباد روانو ٿيو. اسحاق ڊار ۽ اياز صادق صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندا. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به هن ملاقات ۾ شرڪت ڪندو. حڪومتي وفد وزيراعظم شهباز شريف جو پيغام صدر آصف علي زرداري تائين پهچائيندو. مسلم ليگ (ن) جي ذريعن موجب، هن اهم ملاقات کان پوءِ، سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن جي وچ ۾ بيان بازي بند ٿي ويندي. ٻئي طرف، پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اهم سياسي فيصلا ڪرڻ لاءِ 18 آڪٽوبر تي پيپلز پارٽي جي سي اي سي اجلاس سڏايو آهي.

پ پ جي حڪمت عملي، حڪومت کي هر قانونسازي تي مزاحمت ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ع آ نيوز) وفاقي سطح تي حڪومتي اتحادي جماعتن جي وچ ۾ اختلاف شدت اختيار ڪري چڪا آهن، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) پارليامينٽ جي اجلاسن لاءِ نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، جنهن تحت مسلم ليگ (ن) جي حڪومت کي پارليامينٽ اندر “ٽف ٽائيم” ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب، پيپلز پارٽي اڄ کان ٿيندڙ قانونسازي تي سڌي ريت اثرانداز ٿيڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويندي، ۽ نئين حڪمت عملي تحت حڪومت لاءِ قانونسازي جو عمل ڏکيو بڻايو ويندو. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته هو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ٻنهي جا اجلاس متاثر ڪرڻ لاءِ ڪورم جي نشاندهي ڪندي. جيڪڏهن ڪورم مڪمل نه ٿيو ته پيپلز پارٽي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪندي، جنهن سان قانونسازي جي عمل ۾ رنڊڪون پيدا ٿينديون. پارٽي ذريعن مطابق، پيپلز پارٽي پارليامينٽ ۾ ڪنهن به اهم قانونسازي جو حصو نه بڻجندي ۽ حڪومت جي هر بل کي چئلينج ڪندي. هي حڪمت عملي ان پسمنظر ۾ تيار ڪئي وئي آهي، جتي پنجاب ۽ سنڌ جي سطح تي مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ سياسي تڪرار وڌي چڪو آهي.چند ڏينهن اڳ، پيپلز پارٽي جي اڳواڻن مسلم ليگ (ن) تي الزام لڳايو هو ته هو اتحادي ڌرين کي "غلامن” جيان استعمال ڪري رهي آهي، جڏهن ته ن ليگ جي وزيرن ۽ ترجمانن پيپلز پارٽي تي "سياسي تماشو” لڳائڻ جو الزام هنيو هو. مريم نواز جي بيانن بعد پنجاب جي سياست ۾ ٻنهي جماعتن جا لاڳاپا وڌيڪ خراب ٿي ويا آهن.

بيان بازي  جي ڪري پيپلزپارٽي سان لاڳاپا خراب نه ٿيڻ گهرجن: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)  وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته سياسي بيانن جي ڪري پيپلزپارٽي سان لاڳاپا خراب نه ٿيڻ گهرجن. ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ پارٽي اڳواڻن سان اهم اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ اسپيڪر اياز صادق، وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، احسن اقبال، طارق فضل چوڌري، راڻا ثناءُالله، راڻا تنوير حسين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ وچ ۾ سياسي تڪرار جي محرڪن جو جائزو ورتو ويو. ان حوالي سان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻن جي ملاقاتن بابت اسپيڪر آگاهه ڪيو. وفاقي وزيرن جو موقف هو ته پيپلزپارٽي جو معاملو وفاق نه پنجاب سان آهي. وزيراعظم شهباز شريف پيپلزپارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ اسپيڪر ۽ وفاقي وزيرن کي پيپلزپارٽي جي سينيئر قيادت سان ملاقاتون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پيپلزپارٽي سان رابطا جاري رکڻ ۽ خدشا ختم ڪرڻ لاءِ مختلف آپشنن تي غور ڪيو ويو، پارٽي اڳواڻن ٻنهي طرفان تڪراري بيانبازي بند ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ان معاملي تي وزيراعليٰ مريم نواز سان به ڳالهائيندو.

مخالف ياد رکن، نون، ميم ۽ شين متحد آهن: مريم نواز

پاڪپتن (م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو آهي ته مخالف ياد رکن، نون، ميم ۽ شين متحد آهن، جڏهن ته پنجاب جي 25 ضلعن ۾ ڏوهن جي شرح ٻڙي آهي، پاڪپتن ۾ اليڪٽرڪ بسن جي فراهمي واري منصوبي جي افتتاح دوران خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مخالفن وٽ تنقيد لاءِ ڪجهه ناهي، تنهنڪري هو ”نون“ مان ”شين“ ۽ ”شين“ مان ”نون“ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر سڀ ڪوششون ناڪام ويون، هن چيو ته گذريل 0 سالن کان مخالف هڪجهڙيون ڪوششون ڪندا رهيا پر هميشه ناڪام ٿيا، جيڪي اڳي هئا، اهي به پنهنجي انجام تائين پهتا ۽ جيڪي اڄ تنقيد ڪن ٿا، سي به جلد انجام تائين پهچندا، پنجاب تي تنقيد ڪندڙ ناڪام ٿي چڪا آهن، هن چيو ته پنجاب جا 38 ضلع ترقيءَ جي سفر ۾ شامل ٿي رهيا آهن، ننڍن شهرن کي به خوبصورت بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته پاڪپتن اڳ کان وڌيڪ صاف سٿرو لڳي رهيو آهي، وزيراعليٰ ”صاف سٿرو پنجاب“ پروگرام اميدن کان وڌيڪ وڏو منصوبو بڻجي چڪو آهي ۽ هاڻي ڪنهن ضلع کي صفائي لاءِ ٻئي ضلع کان مشينري گهرڻ جي ضرورت نه پوندي.

پ پ ۽ ن ليگ اختلافن تي اسٽيبلشمينٽ مداخلت نه ڪندي: راڻا ثناءُ الله

 اسلام آباد (م ڊ ) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪارراڻا ثناءُ الله وفاقي اتحادي جماعتن – مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي – تي زور ڀريو آهي ته هو پنهنجي سياسي اختلافن کي ختم ڪن ۽ سنڌ ۽ پنجاب جي حڪومتن جي وچ ۾ هلندڙ تڪرار مان اڳتي وڌن. اختلافن جي معاملي تي ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته موجوده سياسي قيادت کي گهرجي ته هو هڪ ميز تي ويهي سياسي اختلافن کي ڳالهين ذريعي حل ڪن. هن بظاهر اسٽيبلشمينٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ادارتي سطح تي ڪا به مداخلت نه ٿيندي، ۽ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سياستدان پنهنجا مامرا پاڻ سنڀالين ته ادارا رڳو مدد فراهم ڪندا. رانا ثناءُ الله واضع ڪيو ته آرمي چيف جي ڪا به ذاتي ايجنڊا ناهي، هو ڪو ٻيو ارادو يا منصوبو نه رکي ٿو. هن چيو ته جنرل عاصم منير پنهنجي رٽائرمينٽ کان پوءِ گهر هليو ويندو ۽ سندس وزيراعظم هائوس يا ايون صدر اچڻ جو ڪو ارادو ناهي.

سنڌ ۽ پنجاب حڪومتون هڪ آهن، عوام آڏو ڏيکاءُ ڪيو پيو وڃي:حافظ نعيم

لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پنجاب ۽ سنڌ جون حڪومتون هڪ ئي آهن، رڳو عوام آڏو ڏيکاءُ ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته مافيا پئسو ڪمائي رهي آهي ۽ غريب هاري کي ڪجهه به نٿو ملي. لاهور ۾ هاري اڳواڻن سان ملاقات کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم چيو ته ملڪ ۾ 65 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي پر حڪومتي پاليسين سبب فصلن جي پيداوار گهٽجي وئي آهي، اٽو ۽ کنڊ مهانگا ٿي ويا آهن، جڏهن ته شوگر ملز ٽيڪس نيٽ ۾ به ناهن. هن چيو ته جيڪڏهن سبسڊي ڏيڻ گهرجي ته اها هارين ۽ عوام کي ملي، ڪڻڪ جو اگهه في مڻ 4500 رپيا مقرر ڪيو وڃي ۽ حڪومت سڌي ريت هارين کان خريداري ڪري. حافظ نعيم خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مطالبا نه مڃيا ويا ته جماعت اسلامي 24، 25 ۽ 26 آڪٽوبر تي پنجاب ۾ هاري بچايو تحريڪ هلائيندي.

خيبرپختونخوا چوي منهنجو ڊيم، منهنجي معدنيات ته ڇا ٿيندو؟ فيصل ڪريم ڪنڊي

پشاور (م ڊ) گورنر خيبرپختونخوا فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته منهنجو پاڻي، منهنجي مرضي جهڙا بيان عهدي سان ٺهڪندڙ ناهن، اهڙي سوچ صوبائيت کي هوا ڏئي ٿي، سڀاڻي خيبرپختونخوا چوي ته منهنجو ڊيم، منهنجي معدنيات ته ڇا ٿيندو؟ گورنر هائوس پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته باجوڙ متاثرين لاءِ هلال احمر وسيلي في خاندان 50 هزار رپيا ڏنا ويندا، 1700 خاندانن جي ڊيٽا گڏ ٿي چڪي آهي ۽ مقصد متاثرين جي باعزت واپسي آهي. هن چيو ته پ پ جي علي حيدر گيلاني ۽ اي اين پي جي ايمل ولي خان کان سيڪيورٽي واپس وٺڻ غلط آهي، سياسي اڳواڻن جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي، ڇا دهشتگردن کي دعوت ڏني پئي وڃي؟ فيصل ڪنڊي چيو ته وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور کي صوبي جي حالتن جي خبر ئي ناهي، هو واضح ڪري ته رياست سان گڏ آهي يا دهشتگردن سان؟ هن چيو ته اسد قيصر بي اعتمادي جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، پر پهريان اهو ٻڌائي ته سندس ڀاءُ کي ڇو ڪڍيو ويو، اطلاع آهن ته کيس ڪرپشن تي هٽايو ويو، جيڪڏهن اسد قيصر بلاول ڀٽو کي ووٽ ڏئي ته اتحاد تي سوچيو وڃي سگهي ٿو. پنجاب حڪومت بابت ڳالهائيندي فيصل ڪنڊي چيو ته مريم نواز جي صفائي واري مهم ساراهه جوڳي آهي، پر سندس بيان ننڍي سوچ ظاهر ڪن ٿا، صوبائيت کي هوا نه ملڻ گهرجي.

پيپلزپارٽي جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جو اجلاس طلب

ڪراچي (رپورٽر) پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي (سي اي سي) جو اجلاس 18 آڪٽوبر، تي بلاول هائوس ڪراچي ۾ طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب، اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال، پارٽي جي ايندڙ حڪمت عملي، اتحادي ڌرين سان لاڳاپيل معاملن ۽ عام چونڊن جي امڪاني تيارين تي مشاورت ڪئي ويندي. امڪان آهي ته اجلاس ۾ پارٽي جي تنظيم ۽ صوبائي قيادت ۾ ڪجهه تبديليون به غور هيٺ اينديون. اجلاس ۾ آصف علي زرداري سميت سڀئي وڏا اڳواڻ شرڪت ڪندا. پارٽي ترجمان موجب، هي اجلاس ملڪ جي سياسي رخ بابت اهم فيصلا طئي ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.