حيدرآباد ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، زرعي جنسن جا اگهه ڪيرائڻ خلاف سنڌي هاري تحريڪ جي ريلي

حيدرآباد(رپورٽ: اعجاز چانڊيو) جاگيرداري نظام، ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڊيمن، ڪئنالن ٺاهڻ ۽ فصلن جا اگهه ڪيرائڻ ۽ زرعي جنسون ٻاهرين ملڪن مان گهرائڻ خلاف سنڌي هاري تحريڪ جي سڏ تي گل سينٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا اولڊ ڪيمپس، حيدرچوڪ ۽ گول بلڊنگ کان ٿيندي حيدرآباد پريس ڪلب تي پهتي، جتي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري درياهه خان زنئور، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر دلدار لغاري، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، سنڌي مزدور تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر خالق گندرو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ماروي سنڌو، سڀاني ڏاهري، حسنا راهوجو، ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاهري، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري علي رضا جلباڻي، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر فاضل کوسو، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ رياض پيچوهو، انور رند، علي نواز ڏاهري ۽ علي نواز عالماڻي ڪئي. ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته جنرل ايوب ون يونٽ مڙهي قومي وحدتن جي سڃاڻپ ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي، جنهن کي سنڌ جي عوام بدترين شڪست ڏني ۽ هاڻي 27هين آئيني ترميم جي ذريعي نون صوبن جي نالي ۾ سنڌ جي وحدت کي ٽوڙي ڪراچي کي الڳ صوبو ٺاهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، پر اسان حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سنڌ سنڌي ماڻهن جو هزارين سالن کان وطن آهي، جنهن خلاف ٿيندڙ ڪا به سازش ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو عوام برداشت نه ڪندو. هن چيو ته سنڌ ورهائڻ جي سازش ۾ نواز ليگ سان پيپلز پارٽي جي قيادت به شامل آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار جي لالچ ۾ مريم نواز جي پنجاب سرڪار کي چولستان ڪئنال ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پيپلز پارٽي ٻيٽن جيان ڪئنالن واري مسئلي تي به سنڌي قوم سان ڊبل گيم ڪري رهي آهي. هن ارسا طرفان پاڻيءَ جي کوٽ ڊڪليئر قرار ڏيڻ کي انگ اکرن جي هيراڦيري قرار ڏيندي چيو ته ارسا هر سال پاڻي جي کوٽ ڊڪليئر ڪري سنڌ کي 91ع جي ٺاهه موجب به پاڻي نٿي ڏئي، جيتوڻيڪ 91ع جو ٺاهه به هڪ طرفو آهي. هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ روينيو بدران آبادي جي بنيادن تي ورڇ ڪري ٽن صوبن جا وسيلا پنجاب حڪومت جي حوالي ڪيا وڃن ٿا، اين ايف سي ايوراڊ جي ورڇ وارو طريقيڪار پنجاب جي معاشي بالادستي قائم رکڻ جي سازش آهي، اين ايف سي ۾ صوبن جو حصو گهٽائي ملڪ جي سموري ڪمائي وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي حوالي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته “منهنجو پاڻي، منهنجي مرضي، منهنجا پئسا منهنجي مرضي” جا نعرا هڻندڙ ٽن صوبن جي وسيلن تي قبضو ڪري ويٺا آهن، سرائڪي وسيب کي تباهه ۽ برباد ڪري لاهور ۾ شهنشاهيت قائم ڪئي وئي آهي. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو چيو ته سنڌ حڪومت ٽيننسي ايڪٽ متعلق سنڌ هائي ڪورٽ جي فيصلي کي چيلينج ڪري هاري دشمني جو ثبوت ڏنو آهي. پيپلز پارٽي هارين خلاف اپيل داخل ڪري ثابت ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي جاگيردارن جي نمائنده ۽ هارين جي دشمن پارٽي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جيڪو بينظير هاري ڪارڊ متعارف ڪرايو آهي، سو هاري ڪارڊ نه پر هاري ڪارڊ جي نالي ۾ زمينداري ڪارڊ آهي، جيڪو کاتيدار زميندارن کي ڏنو پيو وڃي. وفاقي سرڪار جي نوڪرين ۾ پنجاب جي اڪثريت آڻي قائد اعظم جي پاڪستان کي قتل ڪري رنجيت سنگهه جو پنجابستان بڻايو ويو آهي. گلگت ۾ به ايس آءِ ايف سي تحت گرين ٽوئرزم جي نالي ۾ قبضاگيري ڪئي پئي وڃي. هن مطالبو ڪيو ته سارين جو اگهه 4000 روپيا ۽ ڪڻڪ جو اگهه 5000 روپيا مقرر ڪري ان تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته سنڌ جا هاري ۽ هارياڻيون بنيادي انساني سهولتن کان محروم آهن، پيپلز پارٽي سرڪار هارين تي وڌيڪ ظلم ۽ جبر ڪرڻ لاءِ جاگيرداري نظام ۽ ڌاڙيل راڄ کي هٿي ڏني آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.