نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي گلوڪار ۽ اداڪار راجوير جاوندا 35 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، راجوير جاوندا 27 سيپٽمبر تي موٽر سائيڪل تي شملا ويندي رستي ۾ حادثي جو شڪار ٿيو هو.
ميڊيا رپورٽن موجب، شملا ويندي بادي علائقي ۾ روڊ تي اوچتو ڍور اچڻ سبب هو موٽر سائيڪل تي ضابطو نه رکي سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس مٿي تي شديد ڌڪ لڳا ۽ ڪرنگهي جي هڏي کي سخت نقصان پهتو، جنهن کان پوءِ هو هوش ۾ نه اچي سگهيو.
اسپتال عملدارن موجب، حادثي کان پوءِ گلوڪار کي ”انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت“ ۾ موهالي جي هڪ اسپتال ۾ 11 ڏينهن تائين وينٽيليٽر تي رکيو ويو، پر هو صحتياب نه ٿي سگهيو.
واضح رهي ته راجوير گلوڪاري سان گڏ اداڪاري جي ميدان ۾ به پنهنجي ڌار سڃاڻپ قائم ڪري چڪو هو، هن ”صوبيدار جوگندر سنگھه“، ”جند جان“ ۽ ”مندو تحصيلدارني“ جهڙين فلمن ۾ ڪم ڪيو هو.
You might also like