ميلبورن (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ( آءِ پي ايل) ڊالرن جي ڊمانڊ سان آسٽريلوي ڪرڪيٽرن کي ورغلائڻ لڳي .
پرڏيهي خابرو اداري موجب، آءِ پي ايل اتنظاميا طرفان اٽڪل 10 ملين ڊالر ساليانو عيوض تي ڪپتان پيٽ ڪمنز ۽ نائب ڪپتان ٽريوس هيڊ کي ڪُل وقتي اوورسيز ٽي ٽوئنٽي ليگز کيڏڻ جي آڇ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب، آءِ پي ايل جي هڪ فرنچائز گروپ هلندڙ سال جي شروعات ۾ ڪرڪيٽرن کي اها آڇ ڪئي هئي، پر پيٽ ڪمنز ۽ ٽريوس هيڊ ڀارتي آڇ رد ڪري ڇڏي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻنهي ڪرڪيٽرن ڀارتي ٽيم گروپ کي ٻڌايو ته سندن پنهنجي ملڪ سان مڪمل ڪميٽمينٽ آهي.
واضح رهي ته ٽاپ آسٽريلوي ڪرڪيٽر قومي معاهدن تحت ساليانو 1.5 ملين ڊالر ڪمائين ٿا، جڏهن ته پيٽ ڪمنز ڪپتاني جو الائونس ملائي ڪري لڳ ڀڳ 3 ملين ڊالر ساليانو ڪمائي ٿو.
واضح رهي ته بگ بيش ليگ کي نجي شعبي حوالي ڪرڻ بابت اجلاس دوران ڊالرن واري آڇ جو انڪشاف ٿيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪرڪيٽ آسٽريليا جي مالي معاملن ۾ ڪمزوري موجود آهي ۽ ڪرڪيٽرن کي ٿيندڙ آڇون ان جو هڪ مثال آهن.
ياد رهي ته ان کان اڳ 2023ع ۾ به انگلينڊ جي جوفرا آرچر کي ڀارتي ليگ جي هڪ ٽيم طرفان هڪ سال لاءِ 7.5 ملين ڊالر جي آفر ڪئي وئي هئي، جيڪا هن رد ڪري ڇڏي هئي.
گذريل سال انڊين پريميئر ليگ جي فرنچائز ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي ٽيم آمريڪي ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ کيڏڻ لاءِ اڳوڻي انگلش بيٽر جيسن راءِ کي 3.38 ڪروڙ ڀارتي رپين جي آڇ ڪئي هئي، پر جيسن راءِ ملڪ کي اهيمت ڏيندي اِها آڇ ٿڏي ڇڏي هئي.
آءِ پي ايل انتظاميا ڊالرن جي ڊمانڊ سان ڪرڪيٽرن جون وفاداريون خريدڻ لڳي، آسٽريلوي ميڊيا جو انڪشاف
You might also like