سلمان اڪرم راجا، علي امين گنڊاپور کي وڏ وزارت تان هٽائڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا تصديق ڪئي آهي ته علي امين گنڊاپور کان وڏ وزارت واپس ورتي پئي وڃي.
صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته سهيل آفريدي کي نئون وڏو وزير نامزد ڪيو ويو آهي.
خيبر پختونخواهه جي امڪاني وڏي وزير سهيل آفريدي جو واسطو خيبر ضلعي سان آهي، هو پي ڪي 70 تان پهريون ڀيرو صوبائي اسيمبلي ميمبر بڻيو، سهيل آفريدي گهڻي عرصي تائين انصاف اسٽوڊنٽس فيڊريشن ڪي پي جو صدر رهيو.
هو موجوده حڪومت ۾ وڏي وزير خاص مددگار رهيو، صوبائي ڪابينا ۾ تبديلي کانپوءِ سهيل آفريدي کي هائير ايجوڪيشن بابت وزير بڻايو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.