ميرپور ماٿيلي ۾ صحافي طفيل رند گوليون هڻي قتل، صدمي ۾ ڀائٽيءَ به دم ڏئي ڇڏيو

ميرپور ماٿيلو (ويب ڊيسڪ) ميرپور ماٿيلي ۾ صحافي طفيل رند کي اڻڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو پنهنجي معصوم ٻارڙن کي اسڪول ڇڏڻ وڃي رهيو هو.
پوليس موجب واقعو جروار روڊ تي ماسو واهه ڀرسان پيش آيو، جتي موٽر سائيڪل تي سوار هٿياربندن ڪار تي انڌاڌند فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ طفيل رند ٿڏي تي مارجي ويو.
واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف هراس پکڙجي ويو، پوليس لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو.
شروعاتي پوليس رپورٽن موجب مقتول صحافي جو پنهنجي برادري جي ڪجهه ماڻهن سان پراڻو تڪرار هلي رهيو هو، جنهن ۾ اڳ به ٻه ڄڻا مارجي چڪا آهن.
پوليس ٻڌايو ته واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي ۽ شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن ته جيئن قتل جو اصل ڪارڻ معلوم ٿي سگهي.
ذريعن موجب طفيل رند جو واسطو مهراڻ اخبار ۽ رائل نيوز سان هو ۽ هو ميرپور ماٿيلو پريس ڪلب جو عهديدار به هو، هو سرگرم صحافي هو ۽ مظلومن لاءِ آواز اٿاريندو رهندو هو، مٿس اڳ به قاتلاڻو حملو ٿيو هو، هن مقامي انتظاميا کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي پر ڪو قدم نه کنيو ويو.
قتل جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ متاثر خاندان تي هڪ ٻي قيامت برپا ٿي، جڏهن طفيل رند جي 8 ورهين جي ڀائٽي رينا رند پنهجي چاچي جي قتل جي خبر ٻڌي بيهوش ٿي وئي، کيس فوري طور اسپتال نيو ويو، جتي هن دم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي غلام نبي ميمڻ کان فوري طور رپورٽ طلب ڪري ورتي.
پنهنجي بيان ۾ مراد علي شاهه چيو ته صحافين تي حملا حقيقت ۾ صحافت جي آزادي تي حملا آهن، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.