ايشيا ڪپ ۾ ناڪاميءَ تي مايوسي، بورڊ جو هڪ ڀيرو وري سلمان تي اعتماد، بابر ۽ رضوان لاءِ در بند!

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) جي سليڪشن ڪميٽي طرفان قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ امڪان آهي ته ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز ۾ به هو ئي گرين شرٽس جي قيادت ڪندو.
ذريعن موجب، پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا ۽ ڪوچ مائيڪ هيسن جي وچ ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز ۽ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ بابت ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن دوران ڪپتان ۽ ڪوچ ٻنهي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي قومي ٽيم جي گڏيل قوت ۽ استحڪام وڌائڻ تي زور ڏنو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيم مئنيجمينٽ جو ٿنڪ ٽينڪ جلد سليڪشن ڪميٽي سان گڏ اجلاس ڪندو ۽ ممڪن آهي ته ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ سيريز دوران وائيٽ بال ٽيم جي ڪئمپ شروع ڪئي وڃي، جنهن لاءِ امڪاني رانديگرن جا نالا جلد سامهون ايندا.
شروعاتي اطلاعن موجب، پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ ٻن اڳوڻن ڪپتانن بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان جي واپسي جا امڪان نه هئڻ برابر آهن، ڇاڪاڻ ته پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا جي قيادت بابت بورڊ يا ٽيم مئنيجمينٽ کي ڪا به ڳڻتي ناهي ۽ هو ڏکڻ آفريڪا خلاف سيريز ۾ ٽئين نمبر تي بيٽنگ ڪندو.
پاڪستان لاءِ 32 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 110.21 جي اسٽريڪ ريٽ سان 561 رنسون ٺاهيندڙ سلمان علي آغا ايشيا ڪپ جي 7 ميچن ۾ رڳو 72 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن تي کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، پر بورڊ ۽ ٽيم جو ڪوچ مائيڪ هيسن آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ ڪپتان بدلائڻ لاءِ تيار ناهن.
ٻئي پاسي اها خبر سامهون آئي آهي ته ايشيا ڪپ جي 7 ميچن ۾ چار ڀيرا ٻُڙي تي آئوٽ ٿيندڙ صائم ايوب، جنهن کي ٽيسٽ ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو آهي، وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ مٿس اعتماد برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڪيٽ ڪيپر محمد حارث کي به في الحال ڪو خطرو ناهي، جڏهن ته فاسٽ بالنگ ۾ حارث روف جي جاءِ تي ٻين فاسٽ بالر کي موقعو ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، ڪوچ مائيڪ هيسن ۽ ڪپتان سلمان علي آغا پاڪستان ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ جي ايشيا ڪپ فائنل ۾ شڪست تي مايوس ضرور آهن، پر اهي ساڳئي ٽيم کي تسلسل سان موقعو ڏيڻ جي حمايت ڪن ٿا ۽ بابر اعظم ۽ وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ شموليت جو ڪو امڪان ناهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.