ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال به پاڪستان سپر ليگ( پي ايس ايل) رمضان کانپوءِ اپريل ۽ مئي ۾ ڪرائڻ چاهي ٿو، جڏهن ته ٻه وڌيڪ ٽيمن جي شموليت پي ايس ايل 11 جا مقابلا انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) سان گڏ ٿيندا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ايس ايل فرنچائزز ۽ پي سي بي جي وچ ۾ ڪيترائي معاملا اڃا حل طلب آهن، ۽ اڃا تائين ڪا به اهڙي باضابطا ملاقات نه ٿي آهي، جنهن ۾ ايندڙ پي ايس ايل بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي هجي.
ايندڙ سال جي شروعات ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ٿيڻ سبب پي ايس ايل فيبروري يا مارچ ۾ ڪرائڻ ممڪن نه آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي، جنهن کان پوءِ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز شيڊيول آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ پي ايس ايل کانپوءِ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٽن ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي سيريز پڻ رٿيل، بنگلاديش جي ٽيسٽ سيريز کانپوءِ وائيٽ بال سيريز مئي ۾ ٿيندي.
پاڪستاني ٽيم بنگلاديش ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏندي، جڏهن ته پاڪستان ۽ زمبابوي جي وچ ۾ به ٽن ون ڊي ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز رٿيل آهي، ان ڪري پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ سال اپريل ۽ مئي ۾ ٻن واڌو ٽيمن سان پي ايس ايل ڪرائڻ جو ارادو رکي ٿو.
ٻئي پاسي آءِ پي ايل جو ايندڙ ايڊيشن 15 مارچ کان 31 مئي تائين کيڏيو ويندو، تنهنڪري هن ڀيري به امڪان آهي ته ٻنهي وڏين ليگز جي ميچن جي تاريخن ۾ ٽڪراءُ ٿئي ۽ ڪيترائي عالمي رانديگر ٻنهي مان ڪنهن هڪ ليگ ۾ کيڏڻ جي چونڊ ڪن.
You might also like