چاهيون ٿا ته جلد اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪيون:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (پ ر) سنڌ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سان اليڪٽرڪ ڪار ٺاھيندڙ ڪمپني جي ھڪ وفد سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات جي موقعي تي محنت ۽ سماجي تحفظ وارو صوبائي وزير سعيد غني پڻ موجود ھو، بجلي تي ھلندڙ ڪارون ٺاھڻ واري ڪمپني جي وفد سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ صوبائي وزير سعيد غني کي پنھنجي تيار ڪيل اليڪٽرڪ گاڏين جي ماڊلز، مقامي سطح تي اسمبلنگ ۽ چارجنگ انفرا اسٽرڪچر جي رٿائن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، ملاقات ۾ وفد طرفان سنڌسرڪار سان شراڪتداري جي امڪانن تي بھ خيالن جي ڏي وٺي ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالھائيندي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ سرڪار عوام جي لاءِ جديد، ماحول دوست ۽ گھٽ خرچ واريون سفري سھولتون ڏيڻ لاءِ پرعزم آھن، ھن چيو تھ اسان چاھيون ٿا تھ جلد کان جلد اليڪٽرڪ ٽيڪسي سروس شروع ڪئي وڃي تھ جيئن شھرين کي بھتر سفري سھولت ملي سگھي، اليڪٽرڪ گاڏين سان ٻارڻ جي بچت ٿيڻ سان گڏ ماحولياتي گدلاڻ ۾ بھ گھٽتائي ايندي، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سنڌ سرڪار پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ ٻين شعبن بابت نجي شعبي سان گڏجي جامع رٿابندي ڪري رھي آھي، اليڪٽرڪ گاڏين جي ٽيڪنالوجي نھ رڳو روزگار جا جوان موقعا پيدا ڪندي پر ھي صنعتي شعبي ۾ بھ جدت ۽ سيڙپڪاري جا دروازا بھ کوليندي، سندس چوڻ ھو تھ سنڌ سرڪار جٽادار ترقي جي ايجنڊا جي عمل ڪري رھي آھي ۽ اليڪٽرڪ گاڏيون اُن رُخ ۾ ھڪ اھم قدم آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.