شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) جيئي سنڌ محاذ جي سربراھ رياض چانڊيو چيو آهي ته پيپلزپارٽي حڪومت جي مسلسل خراب حڪمراني جي ڪري صوفين جي ڌرتي سنڌ بدامني جي باھ ۾ سڙي رهي آهي اڄ ڪشمور، گهوٽڪي، شڪارپور،جيڪب آباد ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آهي جتي ڦرون، ڌاڙا،چوريون ۽ اغوا روز جو معمول بڻيل آهي پر سرڪار جي رٽ نظر ئي نه ٿي اچي، شھدادڪوٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ جا حڪمران سنڌ جي ڪمائي جا پيسا پنهنجي کيسن ۾ وجهڻ سان گڏ پروٽوڪول ۾ استعمال ڪري رهيا آهن جنھن ڪري خوشحال سنڌ جا ماڻهو هڪ ويلي ماني لاءِ به پريشان آهن،رياض چانڊيو وڌيڪ چيو ته پنجاب جي وزير اعلي مريم نواز کي پنجاب جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، پارليامينٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي گهرجي ته مريم نواز جي ڳالهائڻ بدران سنڌ جي معدني وسيلن تي ڳالهائن.