ڇڪتاڻ گهٽائڻ جو ٽاسڪ نقوي حوالي، نظام کي نقصان پهچائڻ جو ارادو ناهي:پ پ

ڪراچي/اسلام آباد (رپورٽر+ بيورو رپورٽ) صدر آصف زرداري وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي پنجاب ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. بلاول هائوس ڪراچي ۾ رات دير سان صدر آصف زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي، جنهن دوران موجودا سياسي صورتحال سميت سنڌ ۽ پنجاب حڪومت وچ ۾ جاري تڪرار تي به ڳالهيون ٿيون. ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر پنجاب حڪومت جي بيانن ۽ حڪومتي ترجمانن جي الزامن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب، صدر محسن نقوي کي هدايت ڪئي آهي ته هو هن صورتحال ۾ فعال ڪردار ادا ڪري. ياد رهي ته ٻنهي طرفن کان سخت بيانن کانپوءِ ڪجهه ڏينهن کان پنجاب ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي آهي، جنهن سبب گذريل ڏينهن پ پ پارليامينٽ جي اجلاس جو بائيڪاٽ پڻ ڪيو هو. هوڏانهن پيپلز پارٽي سان تڪرار جي حل لاءِ (ن) ليگ سرگرم ٿي وئي. پيپلز پارٽي سان تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن سرگرم ٿي ويا آهن. (ن) ليگ جي اڳواڻن پيپلز پارٽي کي صلاح ڏني آهي ته وزيراعظم جي واپسيءَ تائين انتظار ڪيو وڃي، ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي پيپلز پارٽي سان جاري ڳالهين جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي، پيپلز پارٽي به ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلن جي حل لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي. مسلم ليگ (ن) جي اعليٰ قيادت پاڪستان پيپلز پارٽي سان پارلياماني معاملن تي اختلاف ختم ڪرڻ ۽ سياسي جمود جي خاتمي لاءِ پٺتي پيل رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن، ته جيئن پارليامينٽ جي ڪارڪردگي معمول تي آڻي سگهجي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ پيدا ٿيل تڪرار کي ختم ڪرڻ لاءِ سياسي رابطن ۾ تيزي آئي آهي. ذريعن موجب، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سينيٽ جي قائم مقام چيئرمين سيدال خان، وزيراعظم جي مشير رانا ثناءُالله ۽ وفاقي وزير قانون اعظم نذير تارڙ ان معاملي ۾ سرگرم ٿي ويا آهن.انهن چئن سينيئر ليگي اڳواڻن پيپلز پارٽي جي قيادت سان ڪيترائي رابطا ڪيا آهن ته جيئن معاملا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪري سگهجن. ذريعن موجب، پيپلز پارٽي واضح ڪيو آهي ته سندن ارادو نظام کي نقصان پهچائڻ جو ناهي، پر هو پنهنجي عزت ۽ وقار تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته پارليامينٽ کي معمول موجب هلائڻ لاءِ سڀ کان پهريان مسلم ليگ (ن) کي سندن خدشا ختم ڪرڻا پوندا. سينيئر ن ليگي اڳواڻن پيپلز پارٽي کي صبر ڪرڻ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي واپسيءَ جو انتظار ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. ذريعن مطابق، ن ليگ جي اڳواڻن وزيراعظم کي پيپلز پارٽي سان جاري رابطن ۽ ان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ مڪمل آگاهي ڏني آهي، ۽ وزيراعظم شهباز شريف وطن واپس اچڻ بعد ذاتي طور تي تڪرار حل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا. مسلم ليگ (ن) جي قيادت عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي سربراهه ايمل ولي خان سان به رابطو ڪيو آهي، جتي ايمل ولي خان سڪيورٽي واپس وٺڻ سميت ٻين خدشن بابت ن ليگ جي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو. مسلم ليگ (ن) ايمل ولي خان کي به وزيراعظم جي واپسيءَ تي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.