لاهور (بيورو)پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي حمايت سان ئي موجوده حڪومت ٺهي آهي، ۽ اسان جي بغير هي نظام هلي نٿو سگهي،لاهور ۾ چرچ آف پاڪستان جي انتظام هيٺ ٻوڏ متاثرن ۾ رليف پيڪيج ورهائڻ واري تقريب سان خطاب ڪندي هن اسان ن ليگ جو ساٿ نظام ۾ سڌارن لاءِ ڏنو، پر جيڪڏهن هو نمبر مڪمل به ڪري وٺي، تڏهن به پيپلز پارٽي کانسواءِ هي سسٽم نه هلندو،هن چيو ته اسان ن ليگ جو ساٿ ملڪ جي بهتري لاءِ ڏنو ۽ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو قرباني سمجهي ڪيو، پر جيڪڏهن اها قرباني تسليم نه ڪئي وئي ته قيادت کي گهرجي ته جيالن جي امنگن موجب فيصلو ڪري،سليم حيدر خان انڪشاف ڪيو ته اليڪشن کان پوءِ اسان پي ٽي آءِ سان گڏ حڪومت ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هنن ساٿ نه ڏنو۔ هاڻي پي ٽي آءِ ساٿ ڏيڻ جو اعلان ته ڪيو آهي، پر اها جماعت بي اعتبار آهي، تنهنڪري اهو فيصلو ڏکيو آهي.