ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد کير جي قيمت 300 رپيا وڌائڻ جي ڌمڪي تي چيو ته حڪومت ڊيري فارمرز جي بليڪ ميلنگ اڳيان نه جهڪندي، جيڪڏهن قيمت پاڻمرادو وڌي وئي ته حڪومت ڪارروائي ڪندي. تفصيل موجب سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته تقريبن سڄي پاڪستان ۾ في ليٽر کير جي قيمت 200 رپين کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته موجوده قيمت برقرار رهي. هن چيو ته کير جي قيمتن جي تعين بابت اڃا تائين آخري فيصلو نه ڪيو ويو آهي، ڪمشنر هائوس ۾ ٿيل اجلاسن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته پهريان کير جي معيار جي جانچ ڪئي ويندي ۽ پوءِ قيمت مقرر ڪئي ويندي.