امن معاهدو ٿيڻ جي باوجود به غير يقيني واري صورتحال برقرار ڇو آهي؟

تحرير: عباس ناصر

ممڪن آهي ته حماس جنگبندي جون ڪجهه شرطون قبول ڪري ورتيون هجن، پر وڌيڪ اڳڀرائيءَ بابت اڃا تائين غير يقيني صورتحال قائم آهي۔ ٻي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نوبل امن انعام جي اعلان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي اسرائيل کي غزه تي بمباري روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي۔ هلو ته ٿورو وقت پٺتي هلون، جڏهن ٽرمپ ”غزه امن منصوبي“  جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اٺ مسلم ملڪن جا اڳواڻ ان سان متفق آهن۔ جڏهن هن ان جي تفصيل ظاهر ڪئي ته انهن ئي ملڪن مان بيچينيءَ ۽ نارضگيءَ جا آواز اڀرڻ لڳا، جن اڳ ۾ مسودي تي اتفاق ڪيو هو ۽ ان سان سڄي فريب جو پردو چاڪ ٿي ويو۔ قطر ۽ پاڪستان کلي عام چيو ته هي اهو مسودو ناهي، جنهن تي هنن اتفاق ڪيو هو ۽ هو ان پڌرنامي کان ناخوش آهن۔ بهرحال خبرون سامهون آيون ته قطر خانگي سطح تي آمريڪا تي زور ڏيندو ته هو اصل مسودي جا ڪجهه حصا ٻيهر بحال ڪري، جڏهن ته هو عوامي سطح تي منصوبي جي حمايت ڪندا۔ (اهي اٺئي ملڪ هڪ گڏيل اعلاميي ۾ هن منصوبي جي تصديق ڪري چڪا هئا۔) بعد ۾ اها حقيقت ظاهر ٿي ته جنهن مسودي تي اتفاق ٿيو هو، ان ۾ ’ترميمون‘ ڪيون ويون هيون، يا چئجي ته اسرائيل جي نفسياتي مريض وزيراعظم نيتن ياهو ان جو ناجائز فائدو کنيو، جنهن ٽرمپ جي خاص نمائندي اسٽيو ويٽڪوف جيرڊ ڪشنر سان ڇهه ڪلاڪ  ملاقات ۾ گذاريا۔ اهي ٻئي نيتن ياهو جا ذاتي دوست سمجهيا وڃن ٿا ۽ اڪثر اسرائيل جي خواهشن موجب پنهنجو مؤقف تبديل ڪندا رهيا آهن۔

اهي تبديليون ٻن مقصدن تحت ڪيون ويون: هڪ ته نيتن ياهو پنهنجي ملڪ ۾ فتح جو اعلان ڪري سگهي ۽ ٻيو ته پنهنجي انتهائي ساڄي ڌر وارن ساٿين بين گوير ۽ بيزاليل اسموٽرچ کي خوش ڪري سگهي، جيڪي پاڻ به ساڳي خطرناڪ سوچ رکن ٿا۔ ساڳي وقت هن منصوبي کي حماس لاءِ ايترو ناقابلِ قبول بڻايو ويو، جو ان ۾ اسرائيلي فوجن جي نيڪالي جو واضح وقت بيان نه ڪيو ويو ۽ ڊرامائي انداز ۾ حماس جي هٿن ۾ موجود اسرائيلي يرغمالين جي بدلي ۾ آزاد ٿيڻ وارن فلسطيني قيدين جو انگ به گهٽايو ويو۔ ان منصوبي ۾ فلسطيني ماڻهن کي پنهنجي حڪومت هلائڻ جي حق کان به محروم ڪيو ويو۔

عجيب ڳالهه آهي ته اها عظيم ۽ طاقتور اسلامي دنيا، جنهن مان هڪ ملڪ آمريڪا ۾ پنهنجن خودمختيار فنڊن وسيلي ٽريليئن ڊالر سيڙائي چڪو آهي، ٻيو ملڪ نيٽو جو ميمبر آهي جيڪو پنهنجي فوجي طاقت تي فخر ڪري ٿو، ٽيون ملڪ ايترو مضبوط آهي جو هن اسرائيل کان پنهنجا قبضا ٿيل علائقا واپس ورتا آهن ۽ چوٿون ملڪ اسلامي دنيا جو واحد ايٽمي ملڪ آهي، اهي سڀ بي وس نظر اچن ٿا۔ خبرون آهن ته قطر، مصر ۽ ترڪي حماس تي دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته هو منصوبي کي قبول ڪري۔ شايد اهو ئي سبب آهي جو حماس مشروط طور تي ان کي قبول ڪيو، يا شايد ان جا پنهنجا سبب هئا۔

جڏهن ٽرمپ جي اهم اتحادي ملڪن، يعني خليجي، نيٽو ۽ ڏکڻ ايشيا جي نون ساٿين، بيچينيءَ جو اظهار ڪيو، تڏهن خبرون گردش ڪرڻ لڳيون ته ٽرمپ، نيتن ياهو کان ناخوش آهي۔ جيئن ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي، ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم کي چيو: ”معاهدو قبول ڪر، يا پوئتي هٽي وڃ، جيڪڏهن تون انڪار ڪندين ته اسان توکان فاصلو اختيار ڪنداسين۔“

هاڻي جڏهن آمريڪا ۾ اسرائيل حامي لابي “AIPAC” سياست ۽ فيصلي سازيءَ تي گهڻو اثر رکي ٿي، ته اهو مڃڻ ڏکيو آهي ته ڪو به آمريڪي صدر، خاص طور تي اهو جنهن کي اسرائيل نواز ماڻهن کان لکين ڊالرن جي فنڊنگ ملي هجي، واقعي اسرائيل کان پري ٿيڻ جي ڌمڪي ڏئي سگهي ٿو۔ جيڪڏهن اسان اهو مڃون ٿا، ته پوءِ اهو به مڃڻو پوندو ته مان ايلاون مسڪ کان وڌيڪ امير آهيان۔ هي فريب جي دنيا جو صرف هڪ مثال آهي، جتي اسين جيئون ٿا ۽ جتي هر طرف ڪوڙ جو راڄ آهي۔ هڪ ٻيو فريب ڪينيڊا، فرانس، آسٽريليا ۽ برطانيا جو ”فلسطيني رياست“  کي تسليم ڪرڻ آهي۔ جڏهن سندن وچ اوڀر وارو اهم اتحادي پاڻ چئي ٿو ته ڪڏهن به فلسطين کي رياست نه بڻايو ويندو  ته پوءِ انهن ملڪن جي اهڙي تسليم ڪرڻ بي معنيٰ آهي۔

اهي ئي مغربي جمهوري قوتون آهن جيڪي بار بار غزه ۾ نسل ڪشي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪن ٿيون، تازو ته انهن ان کي ”غير انساني ۽ قبيح عمل“ به چيو آهي، پر اسرائيل تي ان جي عملن سبب ڪا به پابندي نه لڳائينديون۔ ڇو ته ائين ڪرڻ سان حقيقي ڪارروائي ڪرڻي پوندي، جيڪا اسرائيل کي نقصان پهچائي سگهي ٿو ۽ اهي ايترو اڳتي وڃڻ لاءِ تيار ناهن۔ اهي مغربي حڪومتون رڳو لفظن ۾ فلسطين سان همدردي ڏيکارين ٿيون، پر سندن عوام لکين جي تعداد ۾ سڙڪن تي نڪري اچي چڪو آهي، پيغام ڏئي رهيو آهي ته ”هاڻي بس!“ ۽ اسرائيل جي بائيڪاٽ ۽ ناڪا بنديءَ جو مطالبو ڪري رهيو آهي۔

برطانيا کان وٺي اسپين تائين، بيلجيم کان اٽلي ۽ جرمني تائين، جتي پوليس مظاهرا روڪڻ لاءِ نازي دور جا طريقا استعمال ڪري رهي آهي، پر اهي سخت قدم به ڪارگر ثابت نٿا ٿين۔ لڳي ٿو ته دنيا جي سياستدانن، چاھي ساڄي ڌر جا هجن يا کاٻي، فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته فلسطيني قوم کي نازي جرمنيءَ جي ڏوهن، خاص ڪري هولوڪاسٽ جي قيمت چڪائڻي پوندي۔ ڄڻ هڪ نسل ڪشي کي ٻي نسل ڪشيءَ جو جواز بڻايو پيو وڃي۔ ان حقيقت جي باوجود ته ڪيترين ئي اسلامي ملڪن ۾ حڪومتون احتجاج ڪندڙن سان ظالماڻو رويو اختيار ڪن ٿيون، هزارين مراڪشي نوجوان سڙڪن تي نڪري آيا آهن، پوليس سان ويڙهه ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي بادشاهه جي اسرائيل نواز پاليسين تي سوال اٿاري رهيا آهن۔ ترڪي ۾ به اهڙا مظاهرا ڏٺا ويا آهن۔ پر پوءِ هڪ ٻيو منظر به آهي۔ انسانيت جي همدرديءَ سان ٺهيل ’فلوٽيلا‘ جنهن ۾ سڄي دنيا مان لڳ ڀڳ 500 ڪارڪن شامل هئا، جيڪي اسرائيل جي غزه تي لاڳو ناڪا بندي ٽوڙڻ ۽ ٻارن لاءِ کاڌ خوراڪ، کير، ڊائپرز ۽ عورتن لاءِ صفائيءَ جون شيون پهچائڻ لاءِ نڪتا هئا، انهن کي نسل پرست رياست جي فوجن روڪي ڇڏيو۔

گهڻن ڪارڪنن کي اسرائيلي قابض فوجن گرفتار ڪري ورتو، ان کان اڳ جو اهي مقبوضه فلسطيني پاڻيءَ ۾ داخل ٿين۔ انهن ڪارڪنن مان صرف 30 سيڪڙو جو واسطو اسلامي ملڪن سان هو، باقي سڀ انهن سماجن مان هئا، جن کي مسلم دنيا ۾ اسان مان ڪيترائي پاڻ کان گهٽ سمجهن ٿا۔ ميڊرڊ، روم، برسلز، ميڪسيڪو سٽي، بوگوٽا ۽ ٻين شهرن ۾ اڃا تائين ڏهه هزارين ماڻهو سڙڪن تي نڪتل آهن۔ اهڙن ملڪن جي فهرست لامحدود آهي۔ اسلامي دنيا ۾ اسان مان ڪيترائي پنهنجي حڪومتن وانگر خاموش آهيون، آمريڪا کي ناراض ڪرڻ کان ڊڄون ٿا، جڏهن ته مغرب ۾ هزارين ماڻهو سڙڪن تي نڪري اچي چڪا آهن ۽ پنهنجي حڪومتن کان حقيقي عمل جو مطالبو ڪري رهيا آهن۔ اچو ته اميد رکون ته انسانيت جو هي جذبو ڪامياب ٿيندو، ڇو ته هاڻي اسان جي سڀني اميدن جو دارومدار انهن تي ئي آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.