نوبيل انعام ڇا آهي ۽ ڇو ڏنو وڃي ٿو؟

جڳ مشهور نوبيل پرائز ڏيڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ شايد سڀ کان اهم امن جو انعام جمعي (10 آڪٽوبر) تي ڪيو ويندو.
امن جو نوبيل انعام (نوبيل پيِس پرائز) ان شخص کي ڏنو ويندو آهي، جنهن ”ملڪن وچ ۾ دوستي وڌائڻ، مستقل فوجن کي ختم يا گهٽائڻ ۽ امن امان جي بحالي ۽ هٿي ڏيڻ لاءِ سڀ کان وڌيڪ يا بهترين ڪم ڪيو هجي.“
سال 2025 ۾ هن لاءِ 330 کان وڌيڪ اميدوار آهن، پر مڪمل فهرست ايندڙ 50 سالن تائين هڪ ٽجوڙي ۾ بند رکي ويندي.
پر اهو ادارو ايترو معتبر ڇو آهي ۽ ماضيءَ ۾ اِهو انعام ڪير ڪير حاصل ڪري چڪا آهن؟

نوبيل انعام
نوبيل ان انعامن جو نالو آهي، جيڪي ڪيمسٽري، فزڪس، طب، ادب ۽ امن جي شعبن ۾ ڏنا ويندا آهن.
نوبيل انعام ماڻيندڙن ۾ سائنسدان، معاشي ماهر، عالمي اڳواڻ، اديب ۽ مفڪر شامل آهن.
نوبيل انعام اهڙن شخصيتن کي ڏنو ويندو آهي، جن گذريل 12 مهينن دوران ”انسانيت کي عظيم فائدو رسايو هجي.“
اِهو سوئيڊن جي ڪاروباري شخص الفريڊ نوبيل جو بيان آهي، جنهن ڊائنامائيٽ (بارود) ايجاد ڪيو، هن پنهنجا لڳ ڀڳ هڙئي اثاثا انهن انعامن جي فنڊ ۾ جمع ڪرايا، سال 1901 ۾ پهريون ڀيرو نوبيل انعام ڏنا ويا هئا.
سال 1968ع ۾ سوئيڊن جي مرڪزي بئنڪ ان ۾ اڪنامڪ سائنسز جو انعام به شامل ڪيو.
نوبيل اداري جي ويب سائيٽ (Nobelpeace.org) موجب 1901ع کان 2021ع تائين الفريڊ نوبيل جي ياد ۾ 943 شخصيتن ۽ 25 ادارن کي نوبيل انعام سان نوازيو ويو.
سال 1901ع کان 2021ع تائين 58 عورتن نوبيل انعام ماڻيا، جڏهن ته رڳو ٻن ڄڻن فرانسيسي فلسفي، ليکڪ ۽ سياسي مفڪر جان پال سارتري ۽ ويٽنامي اڳواڻ لي ڊِڪ ٿو نوبيل انعام وٺڻ کان انڪار ڪيو.

نوبيل انعام جا فاتح ڪيئن چونڊيا ويندا آهن؟
تعليمي ماهر، يونيورسٽين جا استاد، سائنسدان، اڳوڻا فاتح ۽ ٻيا ماڻهو پنهنجن طرفان نالا نامزد ڪن ٿا.
نوبيل فائونڊيشن جي اصولن تحت نامزد ٿيندڙ ماڻهن جي فهرست ايندڙ 50 سالن تائين ظاهر نٿي ڪري سگهجي، ۽ ڪو به پاڻ کي نامزد نٿو ڪري سگهي.
نوبيل انعام فاتح کي ”لوريٽس“ چيو ويندو آهي، جيڪا قديم يونان ۾ سوڀ جي صورت ۾ ملندڙ گلن جي چادر جي علامت آهي.
هر انعام هڪ يا وڌيڪ ماڻهن کي ملي سگهي ٿو، پر هڪ انعام ٽن کان وڌيڪ ماڻهن کي نٿو ملي سگهي.
ان کانسواءِ ڪجهه سال اهڙا به رهيا آهن جڏهن نوبيل انعام ڪنهن کي به نه ڏنو ويو، اِهي گهڻي ڀاڱي پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ وارا سال هئا.
نوبيل فائونڊيشن جي اصولن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به شعبي ۾ ڪو انعام جو حقدار نه ٿيو، اهو ڪنهن کي به نه ڏنو ويندو، جڏهن ته انعام جي رقم ايندڙ سال لاءِ رکي ويندي.

نوبيل انعام ماڻيندڙ کي ڇا ملندو آهي؟
فزڪس، ڪيمسٽري، طب، ادب ۽ معاشي سائنسز جا نوبيل انعام سوئيڊن جي راڄڌاني اسٽاڪ هوم ۾ ڏنا ويندا آهن، جڏهن ته امن جو نوبيل انعام ناروي ۾ ڏنو ويندو آهي.
ناروي جي پارليامينٽ طرفان ان جي ڪاميٽي ۾ پنج ميمبر مقرر ڪيا ويندا آهن ۽ انعام اوسلو ۾ ڏنو ويندو آهي.
نوبيل پرائز سان گڏ ٽي شيون ملنديون آهن:
1. نوبيل ڊپلوما – هڪ ناياب فن پارو.
2. نوبيل ميڊل – الڳ ڊيزائن سان.
3. هڪ ڪروڙ سوئيڊش ڪرونا (اڄ جي حساب سان اٽڪل 911000 آمريڪي ڊالر) جيڪڏهن انعام ۾ ڪيترائي ماڻهو شامل هوندا ته رقم ورهائي ويندي، انعام حاصل ڪرڻ لاءِ ونرز کي هڪ ليڪچر پڻ ڏيڻو پوندو آهي.

نوبيل انعام جا مشهور فاتح
سال 2009ع ۾ اڳوڻي آمريڪي صدر براڪ اوباما کي ”عالمي سفارتڪاري کي مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف ماڻهن جي وچ ۾ سهڪار وڌائڻ جي ڪوششن“ تي امن جو نوبيل انعام ڏنو ويو.
صدر اوباما چيو ته کيس ان تي ”تعجب“ ٿيو ۽ ٿورا مڃيندي چيو ته هو ان (نوبيل انعام) کي اثرائتن قدمن لاءِ استعمال ڪندو، پر عمل ڪري نوبيل انعام تي تنقيد به ٿي، ڇو ته نامزدگي جي آخري تاريخ کان رڳو 12 ڏينهن اڳ هن صدارت جو عهدو سنڀاليو هو.
ان کانسواءِ آمريڪي صدر جِمي ڪارٽر (2002)، يورپي يونين (2012)، گڏيل قومون ۽ ان جو سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان (2001) ۽ مڌر ٽريسا (1979) شامل آهن.
البرٽ آئنسٽائن (فزڪس 1921) ۽ ميري ڪِوري (فزڪس 1903 ۽ ڪيمسٽري 1911) کي به نوبيل انعام مليو.
ٻارن جي تعليم لاءِ پتوڙيندڙ ۽ پاڪستان سان واسطو رکندڙ ملالا يوسفزئي (2014 ۾ گڏيل انعام) جڏهن امن جو نوبيل انعام حاصل ڪيو، تڏهن هوءَ رڳو 17 ورهين جي هئي، هوءَ نوبيل انعام کٽيندڙ سڀ کان ننڍي عمر واري شخصيت آهي.
سال 2019ع ۾ 98 ورهين جي جان بي گڊاينف کي ڪيمسٽري ۾ نوبيل انعام مليو، هو اِهو انعام ماڻيندڙ سڀ کان وڏي عمر وارو شخص آهي.
رڳو ٻن شخصيتن 1964ع ۾ مشهور فلسفي جان پال سارتري ۽ 1973ع ۾ ويٽنام جي اڳواڻ لي ڊڪ ٿو نوبيل انعام قبولڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته 4 ٻين کي سندن ملڪن انعام وٺڻ کان روڪيو.
سال 2016ع ۾ گلوڪار باب ڊلن بابت غير يقيني هئي ته هو ادب ۾ نوبيل انعام قبول ڪندو يا نه، پر هن 2017ع ۾ ليڪچر ڏئي انعام قبول ڪيو.

نوبيل انعام ماڻيندڙن رقم مان ڇا ڪيو؟
ميري ڪِوري ۽ سندس مڙس پيئري ڪِوري، جن 1903ع ۾ فزڪس لاءِ نوبيل انعام حاصل ڪيو، انعامي رقم سائنسي تحقيق لاءِ استعمال ڪئي.
سال 2006ع ۾ فزڪس جي فاتح جان مئٿر رقم پنهنجي فلاحي تنظيم کي عطيو ڪئي، 1993ع ۾ برطانوي بائيو ڪيمسٽ رچرڊ رابرٽس نوبيل انعام جي رقم ڪروڪيٽ لان تي خرچ ڪئي، جڏهن ته فلپ شارپ 100 سال پراڻو فيڊرل طرز جو گهر خريد ڪيو.
طب جي شعبي ۾ 2001ع جي فاتح سر پال نرس پنهنجي لاءِ مهانگي موٽر سائيڪل ورتي، جڏهن ته 2006ع ۾ ادب جي فاتح اورحان پاموق استنبول ۾ ميوزيم قائم ڪيو.
روسي صحافي دمتري موراتوف هڪ اخبار جو ايڊيٽر آهي، پنهنجي امن جي نوبيل ميڊل کي 103.5 ملين آمريڪي ڊالر ۾ نيلام ڪري اها رقم جنگ ۾ بي گهر ٿيل يوڪرائني ٻارن جي مدد لاءِ عطيو ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.